پرده نشين بي نقاب ٿيندا لٽيل دولت واپس ٿيندي

تحرير سيد زوار حسين شاهه

پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف سڀ کان پهريان آواز عوام ۾  اڄ کان ڪئي سال پهريان بلند ٿيو هو پر رياست ۾ ڪئي اهڙا ادار ان وقت ڪم ڪري رهيا هيا  جن کي جرئت ئي نه هئي جو ڪنهن به ڪرپٽ مافيه جي هڪ به ماڻهون کي گرفتار ڪري سگهي ، ان جا به ڪئي اهم سبب هئا  هڪ ته خاص طور نيب ، پوليس ، ايف آئي اي ، سميت ٻين به ادارن ۾ سياسي ڀرتي ڪئي وئي  جنهن ۾ اڪثريت تقريبن اعلي آفيسرن سميت ننڊن ملازمن جي هئي جن پنهنجي سياسي خدائن  سان وفا خوب نڀائي. جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪرپشن ڪندڙ خلاف آواز بلند ٿئي ٿي مجرم ڊائريڪٽ ان  ماڻهون کي پهچي ٿو ڇاڪاڻ ته ان جي شفقت سان هو ان عهدي تي ويٺو آهي ان سان گڏ اهو ب ڏٺو ويو ته جنهن جي حڪومت ختم ٿئي ته پوء ماضي جي حڪومتن تي تنقيد سان گڏ انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿي وڃن ٿا ، پوء لازمي اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو عام ماڻهون اڄ سوچي رهيو آهي ته سائين هي پاڪستان آهي هتي غريبن جي ته جان ئي هلي ٿي وڃي ، باقي امير ڪرپشن مافيه  جي انتهائي وڏي طاقت آهي ، ان ڪري انهن ۾ هٿ وجهڻ انتهائي مشڪل آهي پر مان سمجهان ٿو ته پي ٽي آئي ڪجهه ڪرڻ وڃي ٿي جنهن جو خوف پاڪستان ۾ انهن سياسي استادن تي خوف طاري ڪئي آهي جيڪو به ميڊيا تي اچي ٿو ته بس  هڪ ٻئي مٿان اهڙا ته الزام هڻن ٿا ، جو سچ پڇيو ته ڪن بند ڪرڻ تي مجبور ٿيون ٿا ، پاڪستان ۾ جيڪڏهن ملڪ کي لٽيو آهي اهي اڪثريت ۾ پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبران تي آهن ، پر اهو به پڪ سان چوان ٿو ته پاڪستان جي سياستدانن جو سڌرڻ في الحال ممڪن ناهي  ، پاڪستان ۾ ڪرپشن هڪ ڪينسر جهڙي بياري آهي جنهن کي يا ته مڪمل ختم ڪيو ويندو، يا ان کي ڪٽي ڪٽي ان بيماري کي پڻ بهتر ڪيو ويندو ، پاڪستان هن وقت اهو برداشت نه ڪندو ته ٻيهر قرض کڻي وري عوام کي ڪنهن تڪليف ۾ وجهون ، ٻئي طرف مني لانڊرنگ جنهن ذريعي اربين روپيا پاڪستان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن ، جنهن طرح سان ملڪ کي لٽيو ويو آهي اهڙو مثال نه ٿو ملي  هڪ ڳالهه ته عمران ان جي ٽيم اهو ته واضع ڪيو ويو آهي ، ڪجهه به ٿئي ڪرپشن ڪندڙن کي سوگهو ڪيو ويندو ،  پاڪستان تحرييڪ انصاف کي ووٽ جيڪڏهن مليو آهي ته ان جو پڻ اهو سبب آهي جو هن واضع ڪيو ته ڪجهه به ٿئي ڪرپشن ڪندڙن کي نه ڇڏبو اهڙي صورت حال کان پوء چوٻول اهي به اهن  ڪئي ميڊيا اينڪرس پنهنجي ٽاڪس  درميان واضع ڪيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس جي ڇان بين جاري آهي ۽ نتيجو جلد عوام جي سامهون رکنداسين ڪنهن ڪنهن تي ثابت ٿيو آهي اهو به جلد عوام جي سامهون پيش ڪيو ويندو ، ۽ وڏين مڇين جي گرفتاري لاء سڀ انتظامات ٿي چڪا آهن با خبر ذرائع اهو ٻڌائين ٿا ته  سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شخصيت سميت ٻين ڪئي اهم شخصيتن کي پڻ گرفتار ڪيو ويندو ان کان پوء ميڊيا تي اچي ڪئي شخصيتون بار بار اهو به چئي رهيون آهن ته ڀلي  گرفتار ڪيو اسان تيار آهيون پهريان به گرفاتر ٿيا آهيون هاڻي به ٿينداسين ته ڪو فرق نه پوندو ان سان گڏ اسان مشهور ٿينداسين ، مان حيران آهيان ته ڪرپشن ماڦيه جي ديدائي دليري ته ڏسو عمر ته ڏسو  پير قبر ڏانهن وڃن ٿا ڪو خدا پاڪ جو خوف ناهي ، پيسا ڪهڙي ڪم جا جيڪڏهن صحت نه هجي ته پوء پيسا ڪهڙي ڪم جا سٺي صحت خدا پاڪ جي طرفان هڪ خاص نعمت آهي ، مان جڏهن مني لانڊرنگ سميت جعلي اڪائونٽس ، جعلي ڪمپنن بابت هڪ قانوندان سينئر ايڊوڪيٽ جناب محمي ايوب لاڙڪ کان قانوني حيثيت بابت سزا بابت پڇيو ته هن چيو ته في الحال هي ميٽر عدالت سڳوري ۾ هلي رهيو آهي ان ڪري اسان به ان تي بحٿ نه ٿا ڪري سگهون پر هن مسڪرائيندي اهو چيو ته سائين جيڪڏهن صحت سٺي آهي ته هي جهان به سٺو آهي جيڪڏهن مان ڪنهن ماڻهون لاء برو سوچيندس ته لازمي الله سائين جو قانون اهي جنهن کي ڪو به رد نه ٿو ڪري سگهجي  اهو اٽل هوندو آهي جنهن سان ان کي اهو ته احساس ضرور ٿيندو آهي ته الله اڪبر مان برو ڪم نه ڪيا هان الله سائين جي بندن جي خدمت ڪيان ها غريب انسان سان محبت ڪيا هان ، مان حيران پريشان آهيان ته جن جن ملڪ کي لٽيو آهي انهن کي هاڻي به پنهنجو ڏوهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته به مان سمجهان ٿو ته لٽيل دولت واپس ڪري پاڪستان جي معتبر ادارن کان معافي وٺي  هڪ سچو پاڪستاني ٿي پنهنجو ٻيهر ڪو خاص ڪردار ادا ڪن ، پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪندڙ هن وقت به وڏي بهادري ڏيکاري رهيا آهن مون کي حيرانگي ها به ٿئي ٿي ته جڏهن انهن خلاف نيب سميت ٻيا ادارا ان ايڪشن آهن تڏهن به هو شرمنده نه ٿا نظر اچن هن وقت حالات مختلف آهن ، سڄي پاڪستان ۾ نيب ڪافي سرگرم آهي مان ائين چوان ته غلط نه هوندو ، اڌ کان مٿي پاليامينٽرين مٿان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪرپشن جي الزام هيٺ آهن لازمي پاڪستان جي آئين مطابق  انهن کي منهن ڏيڻو پوندو ،  تعجب جي ڳالهه ته حڪومت وقت هن وقت تائين 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ وارا آهن ، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صرف هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪري وقت ضايع ڪن ٿا هن وقت تائين سواء بجيٽ وارو بل پاس ٿيو آهي باقي وقت جو زيان پيو ٿئي . هڪ اجلاس گهٽ ۾ گهٽ  هڪ ڪروڙ روپئي ۾ پوي ٿو عوام کي هن وقت تائين ڪجهه به ناهي ڏنو ويو ، مان سمجهان ٿو ته نيب انتهائي سرگرم آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪئي سياستدانن کي دل جا دوره ٿا پون . لڳي ائين ٿو ڪجهه ڏينهن ۾  ڪئي اسپتالن ۾ داخل ٿيندا ، هڪ ڳالهه ته تسليم ڪرڻي پوندي ته جنهن طرح سان نيب ۽ ٻيا ادارا سرگرم نظر پيا اچن ، ائين پهريان ڪڏهن به سرگرم نظر نه آيا آهن ، ڪرپشن ڪندڙن مٿان خوف طاري آهي هو سوچي به نه پيا سگهن جيڪو هن وقت ٿي رهي آهي ، نواز شريف ، شهباز شريف ، حمزه شريف ، ۽ مني لانڊرنگ ، جعلي اڪائونٽس ، جعلي ڪمپنيون  بي نام اڪائونٽس جي ڪري پڻ سياستدانن جي مٽي پليت ٿي آهي ، ڪئي نوان ۽ پراڻا چهرا  به ڪرپشن جي الزامات ۾ بد نام ٿيا آهن بي نقاب به ٿيا آهن ، مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان مٿان وڏو امتحان ان ڪري آهي جو هو 30 هزار ارب روپيا  قرض ڪيئن لاهيندو ، ان سان گڏ تاريخي معاشي بدحالي کي ڪيئن  ختم ڪندو عوام جي بنيادي حقن  کي عام ماڻهن تائين ڪيئن پهچائبو ، ڇا سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ، عوام جي سهولت لاء بهتر کان بهتر تعليم ، صحت  جي سهولت پڻ مهيا ٿيندي ،  اپوزيشن  حڪومت وقت مٿان لڳندڙ ڪرپشن جي الزامات کي رد ڪن ٿا ، هو چون ٿا ته هي احتساب نه پر اسان سان ذاتي رنجش آهي انتقام آهي ،  هن وقت حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي سامهون آهن ،   مان سمجهان ٿو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪپتان وزيراعظم جناب عمران خان کي يوٽرن جا به الزامات لڳي رهيا آهن عمران خان  پاڻ يوٽرن بابت عوام ۽ سياستدانن کي آگاهي ڏني ته جيڪو يو ٽرن نه ٿو وٺي اهو سٺو سياستدان ناهي ، پاڪستان حڪومت جا اڪثر سياستدان وزير  جڏهن ميڊيا جي سامهون اچن ٿا ، ته حوصلي کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا ، اهڙي ته نازيبان زبان استعمال ڪن ٿا جنهن کي ڪو برداشت به نه ڪري سگهندو ، ان ڪري مان انهن کي هڪ عرض ڪندس ته توهان پاڪستان جي معتبر اداري سپر پارليامينٽ سان تعلق آهي اوهان مٿان پڻ وڏيون زميواريون آهن ،ان ڪري اپوزيشن جي تنقيد برداشت ڪرڻي پوندي توهان کي اڳتي وڌڻ لاء اهو به لازمي آهي ته اپوزيشن کي برداشت ڪرڻو پونندو  هي واحد حڪومت آهي جنهن ۾ پرده نشين بي نقاب ٿيندا ، ان ڪري  عوام به چاهي ٿو ته ڪرپشمن ڪندڙن کي گرفتار ڪري لٽيل دولت واپس ورتي وڃي ، جيئن پاڪستان مستحڪم ٿئي ، پر حڪومت جي وزيرن کي ڪجهه پنهنجي طبيعت کي ٿڌو ڪرڻو پوندو ، نه ته جيڪڏهن اپوزيشن جون تمام سياسي پارٽيون متحد ٿيون ته پوء حڪومت وقت لاء ڪئي مسائل پيدا ٿي سگهندا ،حڪومت وقت کي جيڪڏهن ڪرپشن ڪندڙن خلاف  تاريخي وٺ پڪڙ نه ڪئي ته پوء هي حڪومت به گيهه پي آرام ڪري ، اهو ان ڪري جو  عوام عمران خان کي ووٽ به ان ڪري ڏنو آهي جو هن عوام سان واعدو ڪيو ته ڪرپشن جهڙي ناسور بيماري کي جڙ کان ختم ڪيو ويندو ، في الحال ته يڪ  طرفا نيب ڪاروايون نظر اچي رهيون آهن  تڏهن ته اپوزيشن پڻ حڪومت  ٿان ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن                                 

پهنجو تبصرو موڪليو