پراڻي دشمني تان ڏينهن ڏٺي وچ شهر ۾ همراهه قتل

سکر(بيورو رپورٽ) شهر جي اهم ڪاروباري مرڪز سڪي تالاب وٽ هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول جي سڃاڻپ آدم شاھ ڪالوني گرم گوديءَ واسي 36 ورھين جي محمد علي جمالي طور ڪئي وئي.پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ايڌي ايمبولنس ذريعي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر پهچايو، جِتي لاش ڪيترا ئي ڪلاڪن تائين پيل رھيو، جنھن جو ڪارڻ پوليس پاران مقتول جا وارث وقت تي نھ پھچڻ ٻڌايو ويو. مقتول محمد علي جمالي ۽ شاھد علي جمالي واري ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، ابتدائي جاچ موجب پراڻي تڪرار تان شاهد جمالي واري ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري محمد علي جمالي کي قتل ڪيو آهي واقعي بابت ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ شاهد جمالي واري ڌر جي هڪ شخص جو لاش جنوجي ٿاڻي جي حد ۾ درياءَ مان هٿ آيو هو ۽ ان جو الزام محمد علي جمالي ۽ سندس ڌر مٿان ھڻي اھڙو قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو ھو، هٿياربندن کيس پلاند ۾ قتل ڪيو آهي جڏهن ته پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو جنهن بعد لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو