پراڻي دشمني تان سروٽن سان همراهه قتل، قاتل گرفتار

محرابپور(ن س) ڳوٺ عاقل گهانگهرو ۾ پراڻي دشمني تان ساجد علي گهانگهرو کي سروٽا هڻي بي دردي سان قتل ڪيو ويو. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي مک جوابدار فقير محمد گهانگهرو کي گرفتار ڪري ورتو. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او محرابپور رحم حسين واسواڻو ٻڌايو ته گهانگهرا برادري جي پراڻي دشمني هئي جنهن ڪري ساجد گهانگهرو کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار گرفتار ڪيو آھي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو