پراڻين موبائل فون سيٽ تان 50 سيڪڙو ٽيڪس واپس وٺو

سکر(بيورو رپورٽ) آل سکر موبائل فون ايسوسيئيشن پاران مرڪزي سڏ تي پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي خلاف گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين پي ٽي اي ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا ان موقعي تي عمار احمد، عمران ملڪ، منير ميمڻ، جاويد کوسو، چندر ڀان، عرفان بلوچ ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪومت جي چوڻ تي پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي پاران پراڻا موبائل وڪرو ڪرڻ تي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان پراڻا موبائل فون وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار تباھ ٿي ويندو هنن چيو ته 5 هزار روپين وارو پراڻو موبائل وڪرو ڪرڻ تي اڍائي هزار روپين کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان سڄي ملڪ جا هزارين دڪاندار بيروزگار ٿي ويندا هنن مطالبو ڪيو ته پي ٽي اي پاران ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو