پراڻو بم ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ) ٻلهڻي اسٽاپ لڳ زمين ۾ پوريل دستي بم ڦاٽڻ سبب 2 ٺڻا زخمي ٿي پيا جن کي پنو عاقل جي فوجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته عبدالسميع ۽ ارباب علي پنهنجي ٻني ۾ گهمي رهيا هئا ته پراڻوزمان ۾ دٻيل بم تي سندن پير اچڻ سبب ڦاٽي پيو. هن علائقي ۾ فوجي مشقون به ٿينديون آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مشق دوران بم رهجي ويو هجي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به اهڙو بم ڦاٽو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو