پرامن هندو برادري ۽ وڇوٽيون وڌائيندڙ سازشي عنصر!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪ لڇمڻ ڪومل جيتوڻيڪ پنهنجي زندگي جا انيڪ سارا ڪتاب لکيا آهن پر مون کي ڪنهن مهربان نامياري ليکڪ جو هڪ مشهور ۽ انمول ڪتاب ”وَهي کاتي جا پنا“ پڙهڻ لاءِ گفٽ ڪيو، معمول موجب آئون جڏهن پنهنجي گاڏي کاتي واري آفيس ۾ ويهندو آهيان ته لڇمڻ ڪومل جو ڪتاب به پنهنجي آڏو رکندو آهي ۽ گڏوگڏ ٻيا به کوڙ سارا ڪتاب هوندا اٿم پر جيستائين وَهي کاتي جا پنا ڪتاب ٽيبل تي پيل هوندو هو ته ڪنهن ٻئي ڪتاب کي پڙهڻ لاءِ يقينن دل ڪونه چوندي هئي، گڏوگڏ نه رڳو هِن ڪتاب جون لکڻيون پر اڪثر طور سبق به ورتم. لڇمڻ ڪومل انهي ڪتاب ۾ ورهاڱي واري ڏينهن ۾ جيڪي درپيش تڪليفون ڏٺيون سي سڀ ان ڪتاب ۾ سانڍيل اٿس ۽ گڏوگڏ پاڪستان خاص طور پراڻي ۽ هاڻوڪي سنڌ اندر جتي هندو برادري جنهن طرز زندگي گذاري، سي انهي ليکڪ جي ڄاڻ موجب ته ورهاڱي کان پهريان هن عظيم صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي تي هندو برادري وڏي اڪثريت سان رهندي هئي ۽ اڄ اُهي هندو انڊيا جي مختلف صوبن ۾ شاهوڪاري واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ جيڪي هتي رهجي به ويا تن بابت به ليکڪ ڪافي انمول ڳالهيون شيئر ڪيون آهن، لڇمڻ ڪومل موجب ته ورهاڱي کان پهريان هن سنڌ تي هندو اڪثر نه رڳو زميندار پر انهي زماني جا وڏا وڏا آفيسر ڪليڪٽر يعني اڄ جو ڊي سي ۽ ڪمشنر جي عهدي تي به هندو فائز هوندا هئا. هن ڪيترن ئي نالن جو مثال ڏنو آهي. ليکڪ انهي پراڻي هندو برادري جي عروج جون ڪافي وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن. ڇو ته ليکڪ جيڪو ڪجهه به لکندا آهن سو ڪنهن جي به خوشامد کان هميشه مٿانهون هوندو آهي. اهڙن لکندڙن جي لسٽ ۾ لڇمڻ ڪومل جون لکڻيون به هڪ تاريخ بيان ڪن ٿيون.

هڪڙي ڳالهه ته يقينن واضح آهي ته پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد هندو برادري کي اقليت ۾ سمجهيو ويندو آهي ۽ هر موقعي تي اِهو ئي ڪوٺبو آهي ته هندو اقليتي برادري آهي ڇو ته يقينن هن وقت پوري ملڪ جي چئني صوبن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هندو برادري اقليت ۾ رهي ٿي پر خاص طور ملڪ جي ٻين ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ڪشمور کان ڪراچي ۽ ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين مختلف علائقن ۾ هندو برادري جيتوڻيڪ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ برابر ته ڪونه آهن پر تمام گهڻي اڪثريت سان به رهن ٿا، سنڌ جو اُتر هجي يا ٿر توڙي جو لاڙ، انهي مڙني علائقن ۾ جيڪڏهن ڪاروباري لحاظ کان ڏٺو ويندو ته هندو برادري پنهنجي ڪاروباري سرگرمين ۾ ٻه پير اڳتي آهي. پاڻ وٽ ٿر ۽ لاڙ پٽي تي رهندڙ اُها اقليتي هندو برادري جيڪا يقينن اُهي علائقا ورهاڱي واري زماني کان پٺتي پيل هجڻ ڪري اُتي جا رهندڙ هندو يا مسلمان بدستور غربت واري زندگي ۾ ضرور آهن ۽ انهي ٻنهي پٽين تي هندو اڪثريت به رکن ٿا، جن جو ثبوت اِهو آهي ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر مان هميشه ٻه کان چار هندو ڀائر اليڪشن کٽي اسيمبلي ۾ اچن ٿا. جڏهن ته سنڌ جي ٻين علائقن جن ۾ ڪوهستان جا علائقا اچي وڃن ٿا، جتي به هندو برادري طويل عرصي کان ڪاروباري سرگرمين ۾ سرفهرست آهي. هندو برادري ۾ به مختلف پاڙا ۽ ذاتيون ٿين ٿيون پر سنڌ جي اتر يعني سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن اندر جيڪي هندو برادري جا ماڻهو، ورهاڱي کان پهريان جا رهندڙ آهن انهن کي لاڙ ۽ ٿر جا هندو واڻيو طور ڪوٺيندا آهن. منهنجي ڪافي ڀيرا ٿر ۽ لاڙ جي اقليتي دوستن سان ڪچهري ٿيندي رهندي آهي ته اُهي اتر جي اقليتي برادري کي واڻيو چوندا آهن ۽ جيڪڏهن حقيقي طور اتر جي اقليتي برادري جي اُٿڻي ويهڻي، رهڻي کائڻي ۽ پيئڻي يقينن ٿر ۽ لاڙ جي هندو برادري کان مختلف به ضرور آهي، باقي جيستائين آئون اتر جي هندو برادري جي ريتن رسمن ۽ رواجن کان ٿورو گهڻو واقف آهيان ڇو ته منهنجي جنم ڀومي به هندو برادري جي ڀر واري پاڙي ۾ ئي آهي ۽ اتر جا هندو ڀائر ٿر ۽ لاڙ جي نسبت سان ڪاروباري ۽ شاهوڪاري لحاظ کان گهڻا اڳڀرا به آهن. جيڪڏهن آئون اتر جي هندن کي تعليم جي حوالي سان ڏسندس ته هو نه رڳو ٿر ۽ لاڙ جي هندو برادري پر مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ مسلمان شاگردن سان به برابر جا شريڪ آهن ۽ سندن نياڻيون به تعليم جي لحاظ کان گهڻو اڳتي آهن، يعني هن اتر سائيڊ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي مختلف وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ هندو برادري جتي وڏي اڪثريت سان رهي ٿي ته گڏوگڏ ڪاروبار ۽ تعليم جي حوالي سان به انهن ۾ ڪا ڪمي ڪونه اٿن. گڏوگڏ پاڻ جيڪڏهن انهن جي مجموعي زندگي تي نظر وجهنداسون ته اُتر ۾ ورهين کان رهندڙ هندو برادري جا ماڻهو پرامن شهري طور سڃاتا ويندا آهن. حالانڪه جيڪڏهن اسين سڀ پاڻ ٿر جي هندن جي رهڻي ڪهڻي تي نظر ٿا وجهون ته هو غربت واري لڪير ۾ ضرور آهن پر مجال آهي ڪنهن ڏاڍي مڙس جي جو هو ائين ڪنهن هندو ڄائيءَ کي ورغلائي اغوا ڪري وڃي شاديون رچائين، جيئن اڄ گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد توڙي جو اتر جي ٻين علائقن مان هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن هندو نياڻي جو مسلمان ٿيڻ ۽ ڪلمو پڙهي سندس شادي جون خبرون اچن ٿيون. آئون مڃان ٿو ۽ بحيثيت هڪ قانوندان هجڻ جي سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ڪو به مسلم يا غير مسلم عورت يا مرد پنهنجي مرضي سان مذهب مٽائي خواهش واري زندگي گذارڻ چاهي ته ان کي ڪو به مذهب قانون يا آئين روڪي نٿو سگهي پر مون اڳ به چيو هو ۽ اڄ به واضح ڪريان ٿو ته اهڙا عمل ڪري ڪنهن شريف ۽ امن پسند پاڙيسري جي ائين دل آزاري نه ڪجي، جيئن اڄ انهن هندو والدين جي ٿي رهي آهي پر گڏوگڏ انهن هندو والدين کي به گهرجي ته هو به پنهنجي اولاد تي نظر رکن، جيڪا شادي کان پهريان والدين جي ذميواري ٿئي ٿي.

اڄ اسان وٽ والدين جي گهربل نظرداري نه ٿيڻ ڪري هي سڀ افسوسناڪ واقعا جنم وٺي رهيا آهن. خير هندو برادري سان انهي اِشو تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي نه رڳو افسوس ڪري سگهجي ٿو پر گڏوگڏ انهن غير اخلاقي عملن پٺيان جڏهن اُهي ڪٽنب مايوسي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ عزتن خاطر هتان لڏپلاڻ ڪن ٿا ته پاڻ کي انهي لڇمڻ ڪومل جي ڪتاب ”وَهي کاتي جا پنا“ پڙهڻ سان ڪجهه سبق سکڻ لاءِ ضرور ملي ويندو. خير منهنجي اڄوڪي هن ڪالم جو اِشو اِهو هرگز ڪونه هو، جيڪو مون شروعاتي سٽن ۾ عرض ڪيو آهي، هن وقت لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي مختلف شهرن گهوٽڪي، جيڪب آباد، ٺل، شڪارپور، ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۾ هندو برادري يقينن جتي مانائتي ۽ شانئتي عزتدار زندگي سان گڏ پرامن شهري طور ڄاتا سڃاتي ويندي آهي يعني انهن هندو برادري جي معمول واري زندگي مسلمان برادري کان گهڻي ڀاڱي ان ڪري مختلف آهي جو هو رڳو چند شين کي وڌيڪ بهتر ڄاڻين ٿا ۽ مڪمل احتياط به ڪن ٿا. يعني گهر، ٻار ٻچو، ڪاروبار، نوڪري، تعليم، سٺو کاڌو کائڻ، صاف پهرڻ، ڪنهن جي معاملن کان پري رهڻ، يعني هڪ امن ۽ شانتي واري زندگي انهن جي اصول جو خاص پهلو آهي. يقينن ڄاڻايل پهلوئن کان علاوه اتر جا هندو مذهبي طور به انتهائي عقيدتمند واري زندگي گذارين ٿا. آئون انهن جي صاف سٿري رهڻي ڪهڻي جو ڪهڙي رُخ کان مثال ڏيان، انهن علائقن جا هندو ڀائر جيڪي هر ڏکي ۽ سُکي مهل بلا ڪنهن تفريق جي مسلمان ڀائرن جي مدد ڪرڻ ۾ ٻه قدم اڳتي رهيا آهن. جن جا مون وٽ هزارين مثال موجود آهن.

گذريل ڳچ عرصي کان اسان جي پاڙيسري اقليتي ڀائرن کي ڪجهه سازشن تحت ڦاسائي مايوسي جي منهن چاڙهيو ويو آهي. هڪ طرف انهن جي نياڻين کي ورغلائي پسند جا پرڻا ڪيا پيا وڃن ته وري ٻئي طرف انهن وچ ۾ تڪرار ڪرائي کين هڪ وڏي ڌُٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جيڪا يقينن ڪجهه سازشي عنصرن جي اندروني پاليسي آهي، جيڪي ماڻهو انهن سفيد پوشاڪ رهندڙن جي رهڻي ڪهڻي کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن، حالانڪه اڳي دور ۾ هندو برادري پاران ڪنهن به پاڙي يا شهر جي چڱي کي ”مُکي“ يعني ڪنهن به ڪمي پيشي جو برادري ۾ فيصلو ڪندڙ چونڊيو ويندو هو ته اهڙي چونڊ ڪرڻ جي ڪنهن ٻئي ماڻهو تائين خبر به ڪونه پوندي هئي، جيئن جيئن اُهي سازشي ماڻهو انهي هندو برادري سان ويجها ٿيندا پئي ويا ۽ هي سادا ۽ سٻاجهڙا ماڻهو به انهن ڳالهين جي لپيٽ ۾ ايندا ويا ته انهي مکي جي چونڊن واري مرحلي کان اڄ واري صورتحال تائين ويڇا وڌندا ويا. نتيجو ان ڳالهه تائين وڃي پهتو آهي ته ڪجهه وقت پهريان جيڪب آباد جتي هندو برادري هڪ وڏي عرصي کان اڪثريت ۾ رهي ٿي ۽ سندن وچ ۾ اندرون اختلاف به ڳچ عرصي کان آهن ۽ اُهي اختلاف به تڏهن پيدا ٿيا آهن، جڏهن ٻاهرين ماڻهن انهي برادري ۾ اچي پير پاتو يعني انهن جا ڪن ڀريا ويا ۽ طرح طرح جا اختلاف رُخ وٺندي اڄ حالت وڃي اها ٿي آهي جو جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جي هڪ چڱي مڙس لعل چند سيتلاڻي ۽ پٽ شيوا مٿان ڪيس داخل ڪري شروعاتي طور انهي پرامن ڪاروباري شهري کي گم ڪيو ويو پر جڏهن جيڪب آباد جي شهرين ۽ پنچائت پاران ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف احتجاج ڪندي سندس بدلي جي گهر به ڪئي وئي ۽ مسلسل احتجاج بعد ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاٿل ۽ تشدد جو شڪار لعل چند سيتلاڻي کي پٽ سوڌو ظاهر ڪيو ويو، آيل خبرن موجب لعل چند سيتلاڻي هندو پنچائت جو صدر به آهي، جنهن خلاف ڪيس دخل ڪري مٿس تشدد به ڪيو ويو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته هڪ پُرامن شهري جيڪو هندو پنچائت جو صدر ۽ گڏوگڏ ڪاروباري ماڻهو به پڻ آهي، ڇا اهڙو ماڻهو ڪو شڪارپور جي ڪچي يا ڪشمور جي ڪچي ۾ رهندڙ ڏاڍن مڙسن جو ڪو يار يا ساٿاري ته هرگز نٿو ٿي سگهي جو اُن خلاف جيڪب آباد پوليس هيترن ڏينهن کان رِڻ ٻاريو آهي. آئون سمجهان ٿو ته اهڙي سازش ۾ انهن سازشي ماڻهن جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو، يقينن هي سڄي هندو برادري ۾ پيدا ٿيل بيچيني ۽ مايوسي ۾ انهن بااثرن جو هٿ ٿي سگهي ٿو، جن گذريل 70 سالن کان مختلف مسلمان برادرين کي قبائلي جهيڙن ۾ ويڙهائي تباهيون ڪرائي پاڻ پُرامن ٿي هلن ٿا. جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ هڪ سردار جيڪو سڄي سنڌ ۾ مشهور نالو آهي، تنهن هڪ سنڌي ٽي وي پروگرام ۾ اعتراف ڪيو هو ته برادري کين ويڙهائڻ ۾ خود مقامي چڱن مڙسن جو هٿ هوندو آهي، جيڪڏهن هو پنهنجي راڄ ڀاڳ خلاف لٺ هٿ ۾ کڻن ته مجال آهي ڪنهن برادري کي جو ائين هلان ڪن، جيئن سبزوئي، جاگيراڻي برادري طرفان چاچڙ برادري جا 13 خون ڪري وڏيون هامون هڻي رهيا آهن. جيڪب آباد کانپوءِ جتي وڏي اڪثريت ۾ هندو برادري رهي ٿي ۽ اُتي انهي ضلعي ۾ انهن جي مرشد سائين ساڌو رام جو آشيرواد به وٺن ٿا. انهي گهوٽڪي ضلعي مان به اِها خبر شايع ٿي آهي ته اتر سنڌ جي ٻين ضلعن جيان هتي به هندو پنچائت وچ ۾ اختلافي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ايستائين جو پنچائت جي مُکي جنهن جي مطلب بابت آئون ڪجهه پريان ذڪر ڪري چڪو آهيان ته هندو برادري مُکي جي چونڊ ڇو ڪندا آهن ته هتي گهوٽڪي ۾ يقينن هندو برادري وڏي تعداد ۾ رهائش پذير آهي ۽ سندن ڏهرڪي ويجهو سائين ساڌورام نالي مرشد به اٿن، جيڪو نهايت هڪ مثالي زندگي گذاريندڙ جو مالڪي رکي ٿو. هن وقت مجموعي صورتحال جي جائزي موجب ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ هندو برادري اندر ڪافي وقت کان اندروني سازشون ڪرائي انهن کي اختلافي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جيئن هو پنهنجي شانائتي مانائتي ۽ پرامن زندگي نه گذاري سگهن. هن سڄي افسوسناڪ صورتحال کانپوءِ هندو برادري جي مختلف شهرن ۾ آباد چڱن مڙسن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي انهي معاملن جو سختي سان نوٽيس وٺي وقت سر پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪرائي انهن کي معمول موجب زندگي گذارڻ جو پابند ڪرايو وڃي ته جيئن اڃا وڌيڪ نقصان نه ٿي سگهي، گڏوگڏ پوري سنڌ جي ٻين اسٽيڪ هولڊرز اديبن، دانشور، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي به اهڙي صورتحال کانپوءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪري هندو برادري ۾ ويڇا ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.  advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو