پراسڪيوٽر جنرل سنڌ جي آفيس کي باهه، سامان سڙي رک

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پراسڪيوٽر جنرل سنڌ جي آفيس ۾ باهه لڳي وئي. ريسڪيو ذريعن مطابق پراسڪيوٽر جنرل سنڌ جي آفيس ۾ باهه لڳڻ سان آفيس جو فرنيچر سڙي راک ٿي ويو جڏهن ته باهه سان لکين رپين جو ملٽي ميڊيا پراجيڪٽر، ايل سي ڊي، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. رپورٽ مطابق باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي جنهن کي مڪمل طور وسايو ويو آهي جڏهن ته ان واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو