پرائيويسي پاليسي تي واٽس ايپ جو ٻيهر يو ٽرن

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پيغام پهچائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ صارفين جي سهوليت لاءِ پرائيويسي پاليسي جي حوالي سان هڪ نئون  بيان جاري ڪيو آهي.ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي صارفين جنهن  هينئر تائين پرائيويسي پاليسي کي قبول نه ڪيو آهي ان جي نئين فيچر تائين پهچ محدود نه ڪئي ويندي. ويب سائٽ دي ورج موجب واٽس ايپ ترجمان جو چوڻ آهي ته پرائيويسي قبول نه ڪندڙ صارفين کي ايپ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوندو. هن چيو ته صارف جڏهن چاهي اها پاليسي قبول ڪري سگهي ٿو.ايپ ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي. صرف واٽس ايپ طرفان صارف کي لاڳيتو نوٽيفڪيشن ملندو رهندو. ان کان اڳ ڪمپني طرفان موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اهي صارفين جيڪي اسان جي نئين پاليسي کي نٿا مڃين انهن کي ايپ  جي ڪجهه فيچرز کان محدود ڪيو ويندو ۽ متعارف ڪرايل نون فيچرز مان به هو مزو نه ماڻي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو