پترياٽا چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل 90 سياح بحفاظت ريسڪيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مري جي تفريحي هنڌ پترياٽا جي چيئر لفٽ ۽ ڪيبل ڪار ۾ ڦاٿل 90 ماڻهن کي 11 ڪلاڪن کانپوءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري بحفاظت لاٿو ويو آهي. ڪالهه شام طوفان ۽ برسات سبب پلي تان تار هٽڻ سبب سياح ڦاسي پيا هئا. راولپنڊي جي ڊي سي محمد علي رنڌاوا ٻڌايوته اسٽنٽ ڪمشنر مري کي جاچ لاءِ چيو آهي. پترياٽا چيئرلفٽس جي 12 ڪيبل ڪارن ۾ سوار سياح خوبصورت نظارن سان لطف اندوز ٿي رهيا هئا ته ڦاسي پيا هئا. ريسڪيو آپريشن رات 3 وڳي تائين جاري رهيو، عورتن ۽ ٻارن سميت 90 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيوويو. ڪيبل سروس جي مينيجر محسن فضل ٻڌايو ته ڪو به سياح زخمي ناهي في الحال ڪيبل سروس معطل آهي. ياد رهي ته پترياٽا جي چيئرلفٽ سمنڊ جي سطح کان 7500 فٽ اونچائي تي آهي جنهن جي ڊيگهه سوا ٽي ڪلوميٽر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو