پبلڪ هيلٿ جي ملازمن جو احتجاج، انصاف جي اپيل

ٺٽو(ڊ ر) پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ننڍن ملازمن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاء مڪلي تي احتجاج، انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ننڍن ملازمن چوڪيدار، آپريٽر ۽ بيلدارن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو مڪلي تي محمد اسلم درس، قادر بخش ملاح، دوست علي بڪڪ، ابوبڪر بڪڪ، بلاول ھيجب جاکرو، محمدبخش گوپانگ، قادر ھيجب جاکرو جي جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ کين 1996 ۾ ھن کاتي ۾ ڀرتي ڪيو ويو، جنھن بعد سپريم ڪورٽ جي حڪم تي کين 2017 ۾ پڪو ڪري سروس بڪ رکيا ويا، جن ۾ سندن سروس 1996 کان لڳائي ويئي آھي، پر اڃان تائين ٽريزري کاتي وارا سندن پگھارون پي سلپ ۾ پوئين رھيل سروس چاڙھڻ لاء تيار ناھن، جڏھن تہ ٺٽو ۽ سجاول کان سواء سنڌ جي ٻين سمورن ضلعن جي ملازمن جي پگھارن واري پي سلپ ۾ اھي رھيل پوئين سروس چڙھي ويئي آھي، پر کين ان سھوليت کان محروم ڪيو ويو آھي، ان کانسواء سندن رھيل 16 مھينن جون پگھارون بہ کين اڃان تائين ملي ناھن سگھيون، ان کانسواء رٽائرڊ ٿيل محمد بخش گوپانگ توڙي فوت ٿي ويل ملازم الھڏنو جي وارثن کي نہ رٽائرمينٽ ٿي ملي ۽ نہ ئي پينشن ٿي ملي، جن جا خاندان فاقہ ڪشي تي مجبور بڻيل آھن. ھنن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي تہ ھو پاڻمرادو نوٽيس وٺي کين سندس رھيل پراڻي سروس شامل ڪرائي ٽريزري کي پابند بنائي سندن پوئين رھيل سروس پگھارون پي سلپ تي چاڙھي، سندن اڳ واريون رھيل 16 مھينن جون پگھارون ڏياري پريشاني کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو