پبلڪ هليٿ ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڄامشورو(ن سنڌ يار) پبلڪ هليٿ تعلقه مانجهند جي ملازمن جو گذريل 15 مهينن کان پگهار نه ملڻ خلاف اڳوڻو يو سي چيئرمين محمد اڪرم لاکو، الهڏنو برفت، عبداالله لاکو، محمد عرس ڇڇر، احمد خان ڇڇر، غلام رسول کوسو، سلمان ڇڇر، صفر پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي ملازم اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڏيڍ سال کان پبلڪ هيلٿ ۾ پڪي ملازمت تحت ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڏينهن رات محنت ڪري واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون هلايون ٿا ۽ تعلقي مانجهند جي عوام تائين پاڻي پهچايون ٿا  پر افسوس جو ڏيڍ سال ۾ صرف هڪ مهيني جي پگهار ڏني وئي آهي.هنن چيو ته 15 مهينن کان پگهار نه ملڻ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ويلا ڪاٽڻ تي پڻ مجبور ٿي ويا آهيون، هنن چيو ته پگهارن لاءِ اڳ به ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهي پر سندن احتجاج جو نوٽيس نٿو وڃي.هنن سي ايم سنڌ، ڊي سي ڄامشورو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن احتجاج جو نوٽيس وٺي رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو