پاڻي ڪڍڻ تائين بجلي نه هلندي،ڊفينس ۾ 15 فيڊر اڃا بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ جي گرڊ اسٽيشنز جو دورو ڪيو. دوري دوران وڏي وزير جو ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او  استقبال ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورنگي جي ڊپٽي ڪمشنر کي برساتي پاڻي کي روڪڻ لاءِ گرڊ لاءِ بلاڪ گهرائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته شاهين گرڊ پوري ڊفينس جي علائقي کي بجلي فراهم ڪندي آهي. گرڊ اندران پاڻي جي نيڪالي جو ڪم سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن وقت 197 مان 12 فيڊرز ڪم ڪري رهيا آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان وڏي وزير کي ٻڌايو ته جيستائين فيز 6  ۽ 8 مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويندو ته بجلي بحال ٿيڻ مشڪل آهي. ڊفيسن جا 15 فيڊر بند آهن ۽ ڪيترن ئي رهائشين چيو آهي ته في الحال بجلي نه هلايو. وڏي وزير ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ کي چيو ته ڪوشش آهي ته رات تائين پاڻي مڪمل طور نڪري ويندو. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماتمي جلوس جو فضائي معائنو ڪيو، وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير سان آءِ جي سنڌ مشتاق مهر به گڏ هو، سيد مراد علي شاهه جلوس جو جائزو وٺندو، فضائي معائني بعد وڏو وزير سي پي او ۾ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مان جلوس کي مانيٽر ڪندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو