پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا، ملڪاڻي جي سربراهي ۾ ڌرڻو

سجاول (سليم ملاح) ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف پ پ ضلعي سجاول جي صدر محمد علي ملڪاڻي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ پارٽي ڪارڪنن پاران پبلڪ پارڪ وٽ  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ تعلقي جاتي سجاول شاهبندر ۽ کاروڇاڻ سميت ساحلي پٽي جي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا جا نعرا هنيا ويا. مظاهري کي خطاب ڪندي محمد علي ملڪاڻي چيو ته  آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان ضلعي سجاول ۾ پاڻي جي هٿرادي کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي جنهنڪري هزارين ايڪڙن تي آبادگارن جا بيٺل فصل سڪي سڙي تباه ٿي رهيا آھن. هن چيو ته ساحلي پٽي ۾ پئيڻ جو پاڻي موجود ناهي جنهن جنهنڪري علائقي مان لڏپلاڻ ٿي رهي آھي ۽ علائقي ۾ ڏڪار جهڙي صوتحال ٿي ويئي آهي جنهنڪري اڄ عوام سان گڏجي احتجاج ڪيو آھي، احتجاجي مظاھري ۾ پ پ تعلقه صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ اقبال خان چانڊيو  ستار لوھار شير علي شاھ بخاري بابو رحيم سميت پارٽي ڪارڪنن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو