پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج، رينجرز جي تعيناتي جو مطالبو

شهدادڪوٽ(شاهد اعواڻ) سنڌ آبادگار بورڊ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن اسحاق مغيري، خالد عمر کوسو، عبدالخالق کوسو، واجد چانڊيو، وهاب پندراڻي ، چوڌري اسماعيل ڪمبوه ، الله داد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ليبر هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته درياء ۾ ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي پر هتي پاڻي جي شديد کوٽ آهي هنن چيو ته خريف جي مند پوري ٿيڻ واري آهي پر هن وقت تائين پاڻي نه آهي هنن چيو ته عيد کان اڳ ڪجهه پاڻي آيو هو جنهن تي آبادگارن خريف جي پوکي ڪري لابارو ڪيو هو جيڪو هاڻ پاڻي نه هجڻ ڪري لابارو سڙي رهيو آهي ته ٻئي پاسي پاڻي جي کوٽ سبب پڇڙي جا ماڻهون اڃ وگهي مري رهيا آهن ، هنن جو چوڻ هو ته پاڻي جو کوٽ نوٽيس وٺي پاڻي  فراهم ڪري ڏئي سيف الله مگسي ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال تي رينجرس مقرر ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچائي ڏئي آبادگارن ۾ پکڙيل بيچني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو