پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج جاري

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگھي، آبادگار سراپا احتجاج بڻيل، غلام الله ۽ بگھاڙ موري تي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا آبادگار اڳواڻن جاويد ناھيو، غلام ٻرڙو، قادر ميمڻ، غلام حسين ڪانھ، گل حسن، حاجي غلام محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ڪافي وقت کان پاڻي جي کوٽ ڪري ھو پنھنجا فصل بہ ڪري ناھن سگھيا، ھنن چيو تہ سندن حصي جو پاڻي چوري ڪري زميندارن جو حق ماري ھٿ وٺي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آھن. ھنن گھر ڪئي تہ فورن واھن ۾ پاڻي ڇڏي سندن کين نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو