پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، روڊ بلاڪ

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن بچل واٽر وٽ سجاول  گولاڙچي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي سندن چوڻ آھي تـ کورواھ لڳ جلالاڻي سب ڊويزن جون شاخون ۽ واھ جن ۾ کورواھ ماڻڪ واھ پنجتنا سعيدا واھ بھادر واھ گاجا واھ کيرسري سميت سموريون شاخون ۽ واٽر ڪورس ھٿرادو بند ڪيا ويا آھن جنھن سبب اسان جو ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريال جو فصل سڪي سڙي تباھ ٿي رھيو آھي ان ڏس ۾ اسان  ايس ڊي او آبپاشي جلالاڻي سب ڊويزن  آڏو احتجاج ڪيو جنھن اسان  کي کتو جواب ڏيندي چيو تـ  شير واھ کي ٽيل ڪرائڻ لاء مٿي ذڪر ڪيل سموريون شاخون ۽ واھ 48 ڪلاڪن لاء بند ڪيا ويا آھن ھن چيو تـ شير واھ کي ٽيل تائين پاڻي پھچائي فوٽو ڪڍي ڪورٽ ۾ ڏيکارڻا آهن 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پاڻي اڃا تائين نـ کوليو ويو آھي آبادگارن احتجاج ڪندي چيو تـ ايريگيشن وارا پاڻي وڌائـڻ بدران پئيسن لاء  ٽوپي ڊرامون ڪري رھيا آھن فورن ڄاڻايل واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي نـ پھچايو ويو تـ ايس ڊي او آفيس جو گھيراء ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو