پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ سبب 2 فوت

ميھڙ/ ڳڙهي ياسين(غلام حسين پنھور/ شفيق مهر) ميهڙ ۽ ڳڙهي ياسين ۾ ڌار ڌار پيش آيل هڪجهڙن واقعن ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. فريد آباد لڳ ڳوٺ کهڙا وليج جو رهواسي نوجوان آصف پٽ محمد صديق بروهي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. جنهن کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڳڙهي ياسين ۾ ڊکڻ ناڪو ڀٽه محلا جو رهواسي نوجوان 18 سالا ڪامران ڀٽو ولد عبد الرشيد گهر ۾ موٽر ٺاهيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو گهر ۾ اوچتي موت تي ڪهرام برپا ٿي ويو. کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو