پاڻي جي فراهمي جو ٺيڪو ڪويتي ڪمپني کي ملي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ٿر ڪول ۾ بجلي گهر کي پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪويت جي رياست ڪمپني انر ٽيڪ سان معاهدو ڪيو آهي. هي ڪمپني 25 سالن تائين پاڻي فراهم ڪندي. نبي سر ۾ وڏو حوض ٺاهيندي جنهن ۾ 75 ڏينهن جو پاڻي اسٽاڪ ڪري سگهبو. نبي سر کان وينجهر تائين 61 ڪلوميٽر پاڻي جي فراهمي لاءِ 30 ارب 10 ڪروڙ روپين (19 ڪروڙ ڊالر) جي لاڳت سان پائيپ لائين وڇائي ويندي. ان باري ۾  انر ٽيڪ ۽ سنڌ جي اختيارين وڃ م هڪ معاهدو به ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪويت جو سفير ۽ ڪپني جي نمائندن شرڪت ڪئي. سنڌ حڪومت پاران وڏي وزير، توانائي، اطلاعات جا وزير به موجود هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني کي حڪومت رعايت ڏيندي پر ان جو تفصيل ناهي ڏنو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو