5 ٻارن سميت 11 گهر ڀاتين کي ڪهندڙ قاتل گرفتار

سلطانپور(رپورٽ  قربان علي) ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھاليجوي ڀرسان جوابدارپنھنجي گھر جي 11 ڀاتين کي ڇرين جا وار ڪري ڪُهي ڇڏيو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ ٻڌايو ته جوابدار کي ٽن پٽن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. جوابدار ڏوهه قبولي ورتو آهي ۽ وڌيڪ جاچ هلي پئي. ان کان اڳ پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي وئي، ڪينٽ پوليس جو چوڻ آهي ته اسد انڍڙ جي ڀاءُ ميان وھاب الله انڍڙ ذھني مريض جوابدار 6 عورتن سميت 11 ڄڻن مٿان ڇرين جا وار ڪري سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو آھي.

Photo Sindhyar

مقتولن ۾ 5 ٻار به شامل آهن، ايس ايڇ او ڪينٽ   جو چوڻ آهي ته جوابدار جو ذھني  توازن ٺيڪ نه ھو  گدو اسپتال ۾ رهي چڪو آهي، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهتيون، 6 عورتن ۽ 5 ٻارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا  آهيون قاتل  کي قانون جي ڪٽھري  ۾ آڻي اصل حقيقت معلوم ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو