پاڪ چين ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ فوجون واپس ڪرڻ تي اتفاق

نئي دلي (ويب ديسڪ) چين ۽ ڀارت ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جلد فوج هٽائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڀارت جي پرڏيهي کاتي جي حوالي سان خابرو ادارن ٻڌايو آهي ته ٻنهي ملڪن جي سفارتي رابطن بعد ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڀارتي والاريل ڪشمير جي وادي لداخ جي گلوان وادي ۾ ٻنهي جوهري ملڪن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ گولي نه هلائي وئي پر پٿرن سان 20 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا. ٻنهي ملڪن ۾ 1962 ۾ ٿيل جنگ بعد ايڪچوئل لائين آفي ڪنٽرول قائم ڪئي وئي هي پر مستقل سرحد جو تعين ناهي ٿيو. ڀارتي حڪومت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جا فوجي ڪمانڊر جلد ملندا جيڪي فوجن جي واپسي جو شيڊول طئي ڪندا. ان بات چين پاران ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو