پاڪ سريلنڪا سيريز کان اڳ ۾ ٻنهي ملڪن کي ڌچڪو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز کان اڳ ٻنهي ٽيمن کي جهٽڪو لڳو آهي. پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان ڪرڪٽ ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني آهي ته ٻئي پاسي سريلنڪا جي ٽيم کي ان وقت ڌچڪو لڳو جڏهن پاڪستان روانگي کان اڳ سندن مک بالر سرنگا لڪمل ڊينگي جو شڪار ٿي ويو  ۽ کيس ٽيم مان آئوٽ ٿيڻو پيو.

وسيم خان ڪرڪٽ ڪميٽي تان مستعفي ٿي ويو

سريلنڪا ڪرڪيٽ مئنيجمينٽ سندس جاءِ تي آسيٿا فرنينڊو کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سريلنڪا جي ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز کيڏڻ پاڪستان پهچي رهي آهي.  پهرين ٽيسٽ ميچ راولپنڊي ۾ 11 دسمبر تي کيڏي ويندي جنهن ۾ جاويد ميانداد ۽ بندولا ورنا پرا کي پي سي بي مهمان خاص طور دعوت ڏئي گهرايو آهي. هو 10 ڊسمبر تي ٻنهي ٽيمن جي فوٽو شوٽ ۾ به موجود رهندا. پاڪستان فواد عالم کي 10 سالن بعد ٽيسٽ ٽيم ۾ واپس شامل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو