پاڪستان 74 سالن جي چيلينجز ۾ سرخرو ٿيو آهي، علوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ آزادي جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد ۽ چئني صوبائي راڄڌنين ۾ آزادي جي سِج کي توپن جي سلامي ڏني وئي، ايوانِ صدر ۾ مرڪزي تقريب دورن صدر عارف علوي قومي جهنڊو ڦڙڪايو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، مٽياري ۽ ميرپور خاص سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ مزارِ قائد ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزارن تي پُروقار تقريب دوران گارڊز جي تبديلي ٿي صدر عارف علوي چيو آهي ته 74 سالن جي سفر ۾ مختلف چيلينجز ۾ سرخرو ٿيا آهيون، ايٽمي طاقت بڻجڻ ڪاميابي آهي، اسان جو ماضي، حال ۽ مستبقل اسان جي هدايت جو تعين ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ سان گڏوگڏ هاڻي صنعتي ملڪ به بڻجنجدو پيو وڃي، افغانستان جو حالتون خراب ٿيڻ تي پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏنو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪيون، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن کي جڳهه ڏني، ٻين ملڪن جو جائزو وٺجي ته پناهگيرن کي سمنڊ ۾ ٻڏڻ ڏنو وڃي ٿو، صدر چيو آهي ته قوم ثابت ڪيو مشڪل ۽ آزمائش اچڻ تي پورو لهون ٿا، اسان ڪورونا ۾ مسجدون کليل رکيون ۽ وبا جو مقابلو ڪيو، ڪورونا وبا جي باوجود معيشت ترقي ڪندي رهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان جي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو تائين پهچي وئي، اسٽاڪ ايڪسچينج ماضي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هن ڀارت کي چيو آهي ته اچو غربت جي خاتمي جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون، ڀارت اسان جي امن جي آڇ کي ڪمزوري سمجهيو، هن چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا دوران بهترين انتظام ڪيا، جنهن کي سڄي دنيا ساراهيو آهي، وزيراعظم چيو هو ته اسان ڪورونا جي ڪري ماڻهن کي بک نٿا ماري سگهون ۽ وبا دوران اهڙا قدم کنيا ويا جن سان ملڪ کي فائدو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو