پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ واڌارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ 2 لک 21 هزار 800 کان وڌي ويو آهي. مرندڙن جو انگ ساڍا چار هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.جڏهن ته گذريل 24 ڪلالڪن ۾ 4087 نوان مريض سامهون آيا آهن. صحتياب ٿيندڙن جو تعداد هڪ لک 13 هزار 600 کان مٿي آهي. جڏهن ته 2479 سيريس مريض موجود آهن. دنيا ۾ وائرس سبب متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 10 لک تي پهتو آهي. سڀ کان وڌيڪ متاثر آمريڪا ۾ آهن  جن جو تعداد 28 لک 37 هزار کان مٿي آهن ٻئي نمبر تي برازيل آهي جتي متاثرن جو انگ 15 لک کان مٿي آهي. لنڊن جي امپيريل ڪالج جي الغورٿم جي بنياد تي لڳايل اندازي موجب پاڪستان ۾ آگسٽ جو مهينو موتمار ثابت ٿيندو ۽ 10 آگسٽ تي هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ لک تائين ماڻهو مري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو