پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ جاري 45 وڌيڪ مريض فوت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا جا 45 وڌيڪ مريض 24 ڪلاڪن ۾ فوت ٿي ويا جڏهن ته 3هزار 045 ماڻهن ۾ وائرس جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ covid.gov.pk جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 48هزار223 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 3هزار 045 ماڻهن جي ڪورونا وائرس کان  متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي ۽  ڪورونا جا 45 مريض فوت ٿي ويا.پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن سبب فوتين جو تعداد 7هزار942 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ڪيسن جو ڪل تعداد 3لک92هزار356 تائين پهچي ويو آهي.ان کانسواءِ  سڄي ملڪ ۾ 1هزار672 مريض 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪُل تعداد 1لک70هزار 206 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته2هزار897  فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک17هزار898 آهي ۽ ڪورو وائرس سبب 2هزار960 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار046 آهي ۽ فوت ٿيل مريضن جو تعداد 165 ٿي  چڪو آهي.خيبر پختونخوا ۾ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 46هزار604 ٿي چڪو آهي ۽ ڪورونا سبب  1هزار355  مريض ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 6هزار556 ٽوٽل ڪورونا ڪيس ٿيا  آهن ۽ 161  مريص ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين 4هزار619 ڪورونا ڪيس آهن جڏهن ته  97ماڻهو  ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 29هزار427 آهي ۽ هن وقت تائين 307 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪورونا وائرس جي  فعال ڪيسن  جو تعداد 46هزار861 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس  سبب هن وقت تائين 7هزار942 ماڻهن فوت ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو