پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ نام نهاد احتساب جي انوکي راند

ليکڪ  سيد زوار حسين شاهه

ڪرپشن جي خاتمي لاء ڇا ڪرڻ گهرجي, اهو سوال آھي جنهن لاء گڏجي جدوجهد ڪرڻ ضروري آھي , ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪيس به رجسٽرڊ ٿين ٿا , پر سزائون ظآھرن ملن ٿيون ان تي عمل نه ٿو ٿئي, اڪثر ماڻھون  پاڪستان زنده باد جو نعرو هڻي بي خوف ڪرپشن ڪندڙ ايترا آزاد گهمن پيا اهو سمجهه کان ٻاهر آهي ، جڏهن ته رياست پاڪستان ۾ جمهوريت جي نالي حڪومتون قائم آهن وفاق هجي يا صوبه هجن ، اليڪشن ذريعي عوام کان ووٽ حاصل ڪري  ڪامياب ٿي اعلي ايوان جوڙين ٿا ، جنهن ۾ هيڊ وزيراعظم منتخب  ٿئي ٿو ، جڏهن ته احتساب عدالتون ، نيب ، اينٽي ڪرپشن ايف آئي اي ، سميت ٻيا اداره ڪرپشن جي خاتمي لاء بهترين ڪم ڪري رهيا آهن ، پر مان سدائين هڪ ڳالهه ڪندو آهيان ته هڪ ئي رياست ۾ ٻه نه پر ٽي قانون لاڳو آهن  ،اير ، ڀوتار جاگيردار لاء قانون هڪ ، ته مدل لاس لاء ٻيو ، ته غريب لاء ٽيون قانون لاڳو آهي ، اهو به ڪو تسليم ڪري يا نه ڪري ، جڌهن ته پاڪستان سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ادارن م ڪرپشن جا واڪا ٿي رهيا آهن ، پر جت عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء بلدياتي ادارو جوڙيو ويو جتي به يونين ، يا تائون  وارڊن مان ووت حاصل ڪري ٿو ۽ ڪائونسلر پنهنجي مرضي سان چونڊي ٿو وري ميمبر چيئرمين چونڊي ٿو جنهن جو سڌو سنئون تعلق عوام سان آهي پر ظلم جي حد اها آهي ته سياسي مداخلت خاص ان حد جي چونڊيل نمائيندن جي مداخلت ٽائون آفيرن ، چيئرمين ، ڪلارڪن جي معرفت به يونين ، ٽائون ڪاميٽي کي ٻنهي هٿن سان لٽين ٿا ، جنهن بعد هر شهر ، ڳوٺ کنڊرات جا ڏيک پيا ڏين ،  نه روڊ ملندو ، نه صحت ملندي نه تعليم ، نه امن امان جي صورت هال بهتر نظر ايندي ، اهڙي صورت حال م مان سمجهان ٿو ته عوام هن وقت سوشل ميڊيا استعمال ڪري ٿو ، جنهن کان پوء  مان سمجهان ٿو ته هر هڪ جيڪو به  ڪرپٽ سياستدان هجي يا ڪرپٽ آفيسر هجي ، برحال ڪرپشن جنهن ڪئي آهي اهو ان سوشل ميڊيا کان خوفزده آهن ،  احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ۽ نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي  جج اصغر علي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف داخل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي مراد علي شاهه جي عدالتي حاضري کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ جي درخواست پيش ڪئي وئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شريڪ جوابدار محمد علي ٻاهرين ملڪ روپوش آهي، جنهن تي احتساب عدالت کيس اشتهاري قرار ڏيندي سندس دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته محمد علي جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ سميت سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو وڃي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا جوابدار پيش ٿين. عدالت مراد علي شاهه تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 30 جون جي تاريخ مقرر ڪندي ڪيس ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، مان عرض ڪندس ته هن وقت ڪجهه نه ڪجهه سوسل ميڊيا جي ڪري عام ماڻهوپن تائين پيغام پهچي ٿو جنهن سان شعور ۾ واڌارو اچي ٿو ، مان عرض ڪيان ته جڏهن سنڌ جي وسيلن سميت سنڌ جي ملڪيتن تي قبضا ٿين ٿا ته اهي به هي سول ميڊيا سان گڏ پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا ئي آهي جنهن سان هر هڪ تائيم آگاهي پهچي ٿي ،  هن وقت ڪرپشن ڪندڙن جي وٺ پڪر لاء تياريون ٿي رهيڳون آهن ، نيب بهترين ڪم ڪري رهي آهي ، جنهن تي اسان  ناز ڪري سگهون ٿا  ها هڪ تنقيد نيب چيئرمين مٿان اڪثر ٿي رهي آهي ته نيب صرف اپويشن جي رهنمائن کي پڪڙي رهي آهي ، مان عرض ڪندس ته ائين ناهي  پڪڙ ڌڪڙ بين جي به ٿي رهي آهي جڏهن ته هڪ کرب روپين کان مٿي لٽيل دولت نيب واپس ڪرائي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي جنهن جي  صدر پاڪستان جناب عراف علوي صاحب پڻ تعريف ڪئي ، پر جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته اڃان به نيب ي پنهنجي طاقت استعمال ڪرني پوندي جيئن جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي ان جي پڪڙ ٿي سگهي ، انهن کان لتيل دولت واپس ٿي سگهي ، جيڪڏهن  نيب سميت اهي اداره جيڪي  ڪرپشن جي خاتمي لاڀ ڪ ڪري رهيا آهن احتساب نه ڪيو ته پوء اسان وٽ ڪجهه ب نه بچندو ، جتي ٻيا اداره ڪرپشن جي خاتمي لاڀ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا اهن اتي سٽي پريس ڪلب لا.ئيوس سيشن  ، هيومن رائيٽس پيس اف سنڌ  به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي هر روز لائيوس سيشن نشر ڪري  عوام تائين آگاهي پروگرام پهچائي پاڪستان جي مدد ڪن ٿا ،  هن وقت به عوام وڏي ازيت مان گذري رهيو آهي ،  عوام جا بنيادي مسئلا حل نه پيا ٿين ، شهر ڳوٺ کنرات ۾ تبديل ٿي چڪا آهن  هن ملڪ کي عوام کي ادارن کي لٽيندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي ، پر مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جا اداره ڪم ڪري رهيا آهن ، ها جيڪڏهن انهن ادارن  مٿان تنقيد نه ٿئي ته  پوء مان سمجهان ٿو ته ڄڻ ڪامياب ئي ناهين ٿيا ، هن وقت احتساب عدالت جنهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽ ۽ نوري آباد پاور پلانٽ ۾ ڪرپشن جي نوٽيس وٺندي  ان مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته سياسي داٻاء به وڌڻ جو امڪان آهي ، ڏسڻو اهو اهي ته سائين ڪيئن ٿو پنهنجو دفاع ڪري ، سنڌ جيڪا پهريان ئي سدائين وڏي امتحان ۾ رهي ٿي  عوام جا  بنيادي مسئلا حل نه ٿا ٿين ،  جڏهن ته مان جيڪڏهن  سڄي سنڌ جي اندر ٿيل ڪرپشن جي ڳالهه ڪندس ته کربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي . جنهن لاء به نوٽيس ٿي رهيو اهي جيڪڏهن مان صرف ضلعي خيرپور جي اندر ٿيل ڪرپشن جي ڳالهه ڪيان ته اربين روپيا لٽيا ويا ، جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ، سيٺارجه سوڀوديرو ، هنگورجه ، ٺري ميرواه نارو فيض گنج سمي سڳيون جتي ٽائون آفيسرن ڪلاڪرڪن جي مدد سان لٽي  انهن کي تباهه ڪيو ويو ، جتي هر روز جيان عوام سراپا احتجاج به رهي ٿو جيئن نيب سميت ٻيا اداره جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاء ڪم ڪن ٿا نوٽيس وٺي لٽيل دولت واپس ڪرائين ، جڏهن ته هن وقت تائين  انهن نندڙن يونين ڪائونسل ٽائون ڪاميٽيز تي ڪو خاص ايڪش  ناهي ٿي سگهيو ، مان  سجهان ٿو ته احتساب عدالت هاڻ  انهن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي جن جن مٿان به ڪرپشن جا الزام عائد آهن لازمي تحقيقات ٿيندي ، جنهن مٿان به  ڪرپشن جا لڳل الزام ثابت ٿيا ته ان کي سزا به ملندي ، لٽيل دولت به واپس ورتي ويندي جنهن سان عوام جو به اعتماد هن جمهوري حڪومت مٿان بحال ٿئي هن وقت تائين کربين روپيا واپس ٿيا معيشت کي هٿي ملي آھي , اڃان به سخت اقدامات عائد ڪرڻا پوندا

پهنجو تبصرو موڪليو