پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ سيڪورٽي اهلڪارن ۾ وائرس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هڪ پاسي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي ته ٻئي پاسي طبي ۽ سيڪورٽي عملي ۾ به وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ 5 ڊاڪٽرز جن مان 4 جو تعلق هڪ وڏي نجي اسپتال ۽ هڪ جو ٻئي اسپتال سان آهي، جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار به وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي. هوڏانهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي شهرن مان به هڪ هڪ ڊاڪٽر وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن. جنهن کي گهر ۾ تنهائي ۾ رهڻ لاءِ چيو ويو آهي، ينگ ڊاڪٽرز حڪومت تي حفاظتي ڪٽس نه ڏيڻ جو الزام لڳايو آهي. راولپنڊي ۾ 15 ڄڻن کي آئيسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته اسلام آباد پوليس جي 30 اهلڪارن کي به قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي ۽ پولي ڪلينڪ جي او پي ڊي بند ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ ڪل 189 ڪيس وائرس جا رپورٽ ٿيا آهن جن مان 131 ڪيس مقامي طور وائرس ڦهلجڻ جا آهن، جيڪا خطري جي گهنٽي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيس 1542 ٿي ويا آهن ۽ مرندڙن جو انگ 14 ٿي ويو آهي. ڪيسن جي اعتبار کان پنجاب پهرين نمبر تي آهي جتي 570 مريض آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو