پاڪستان ۾ پيٽرول کان به وڌيڪ کنڊ مهانگي ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)حڪومت جي سمورن قدمن باوجود ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جاري آهي. پاڪستان ۾ کنڊ جو اگهه پيٽرول کان به وڌيڪ وڌي ويو آهي ۽ مختلف شهرن ۾ کنڊ 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول 138 رپيا 30 پئسا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي. پشاور جي هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ 8 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي. شگر ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر جو چوڻ هو ته هول سيل ۾ کنڊ 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته پرچون ۾ کنڊ جو اگهه 145 کان 150 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو