پاڪستان ۾ پوڻا 2 ڪروڙ کان مٿي موبائيل فون ٺاهيا ويا، دائود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال جنوري کان آڪٽوبر تائين هڪ ڪروڙ 88 لک 70 هزار موبائيل فون سيٽ ٺاهيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن هتي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ سال جي پهرين 10 مهينن دوران  79 لک 30 هزار فور جي موبائيل فون تيار ڪيا ويا ۽ 94 لک 50 هزار موبائيل فون درآمد ڪيا ويا. هن چيو ته واپار واري وزارت جي ميڪ ان پاڪستان پاليسي جا حوصلا افزائي جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، هن چيو ته هو موبائيل فون جي پيداوار ۾ پائيدار ترقي ڏسڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو