پاڪستان ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جي مهم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي چئني صوبن جي 68 ضلعن ۾ 2 ڪروڙ 36 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي مهم 2 آگسٽ کان شروع ڪئي وئي آهي جيڪا 6 ڏينهن جاري رهندي. هڪ لک 79 هزار فرنٽ لائين ورڪرز گهر گهر وڃي 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا. دنيا ۾ پاڪستان ۽ افغانستان 2 ملڪ بچيا آهن جتي پوليو وائرس موجود آهي. 2020 ۾ پاڪستان مان 84 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته 2021 ۾ رڳو بلوچستان مان هن مهل تائين هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. هن مهم دوران سنڌ جي 22 ضلعن ۾ 74 لک ٻارن کي 50 هزار کان مٿي پوليو ورڪر گهر گهر وڄي ڦڙا پياريندا. بلوچستان جي 16 ضلعن ۾ 16 لک ٻارن، خيبرپختونخواهه ۾ 37 لک ۽ پنجاب جي 11 ضلعن ۾ هڪ ڪروڙ ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويندا. خيبر پختونخواه ۾ پوليو ٽيم سان ڊيوٽي ڪري موٽندڙ اهلڪار کي خيبر ايجنسي ۾ حملو ڪري قتل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو