پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ جي نوجوان صارفين لاءِ بُري خبر

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ٽڪ ٽاڪ کان پري رکڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ شروع ڪيا آهن. پي ٽي اي ٽڪ ٽاڪ ايپ تي غير اخلاقي ۽ اعتراض جوڳي مواد جي روڪٿام بابت رپورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪندي ٻڌايو آهي ته ايپ تي غير اخلاقي مواد جي روڪٿام لاءِ فوڪل پرسن جي مقرري سان گڏ هڪ اهڙو مڪينزم ترتيب ڏنو پيو وڃي، جنهن سان 18 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻار ايپ تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهندا. چيف جسٽس قيصر رشيد خان ۽ جسٽس اعجاز انور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٽڪ ٽاڪ ايپ تي غير اخلاقي ويڊيوز جي روڪٿام لاءِ نازش مظفر ۽ سارا علي ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ فوڪل پرسن کي مقرر ڪيو پيو وڃي، جيڪو ريگيوليٽر ۽ ايس ايم پليٽ فارم اينڊ ريگيوليشن سان رابطي ۾ رهندو ته جيئن اهڙي مواد کي بلاڪ ڪري سگهجي. پي ٽي اي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي گهڻن واهپيدارن جو انگ 14 کان 18 سالن جي وچ ۾ آهي، اهڙو مڪينزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن سان ننڍي عمر جا ٻار ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ نه کولي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو