پاڪستان ۾ وائرس سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ 5 فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)دنيا جيان پاڪستان ۾ به تيزي سان ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ جاري آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 15 93 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ مرندڙ ڪل مريضن جو انگ 17 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن هڪ ئي ڏينهن ۾ مرندڙن 5 مان ٻن جو تعلق سنڌ، هڪ هڪ پنجاب، خيبر پخٽونخواهه ۽ گلگت بلتستان سان هو. پنجاب ۾ 593، سنڌ ۾ 502، خيبرپختونخواهه 192، بلوچستان 141، گلگت 116، اسلام آباد 43 ۽ ڪشمير ۾ 6 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ ۾ صحت کاتي جي ترجمان موجب 5945 ٽيسٽ صوبي ۾ ڪيا ويا آهن جن مان 502 مثبت آيا، جن مان 171 ڪيس مقامي طور وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جا آهن، ڪراچي ۾ 222، حيدرآباد 7، دادو هڪ، لاڙڪاڻو 7 ۽ سکر ۾ 265 ڪيس آهن. هوڏانهن دنيا ۾ به وائرس جو ڦهلاءَ تيزي سان جاري آهي، سوا 7 لک ماڻهو وائرس م مبتلا ٿي چڪا آهن، مرندڙن جو انگ 34 هزار ۽ صحتياب ٿيندڙن جو تعداد ڏيڍ لک کان مٿي ٿي چڪو آهي. مرندڙن ۾ اٽلي واحد ملڪ آهي جتي فائيو فگر آهي ۽ مرندڙن جو انگ 10779 ٿي ويو آهي. جڏهن ته اسپين 6803، چين ۾ 3304، ايران 2660، فرانس 2606، آمريڪا 2485 ۾ ماڻهو مري چڪا آهن. سڀ کان وڌيڪ مريض آمريڪا ۾ 142637ٿي چڪا آهن. وفاقي حڪومت عوام لاءِ هيلپ لائن 1166، سنڌ حڪومت 02199203443 ۽ 03160111712 قائم آهي جنهن تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو