پاڪستان ۾ سنڌ سان ٿيل جٺيون، خطرن کي منهن ڪير ڏيندو؟ عزيزالله ٻوهيو

گهڻي وقت کان سوچيم پئي ته چوڏهن آگسٽ ستيتاليهه کان وٺي هلندڙ دور تائين سنڌ سان ٿيل هاڃن ۽ ڦرلٽ تي شام غريبان جي مفهوم هيٺ ڪجهه تفصيل لکجي، جو اڌ ڪٺل سنڌ جيڪا کرڙيون پئي هڻي ان کي ڪي يادون ڏياري جاڳائجي. پوءِ ياد آيو ته ڪراچيءَ ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ شاهه مرڪز ۾ وزير تعليم بنجڻ کان اڳ ۾ آرٽ ڪائونسل هال ۾ شاه عبداللطيف ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنهن جو مهمان خاص کاٻي ڌر جو نامور دانشور سيد سبط حسن هئو. ان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيتريون عقوبتون ٿيون آهن انهن جي حساب سان آئون حيران آهيان ته هيءَ قوم ڪهڙي آڌار تي پئي جيئي. سو ان پسمنظر تي سوچيندي جيڪي ڪجهه مون سمجهيو آهي اهوهي آهي ته هن قوم وٽ جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو فڪر آهي جنهن ۾ هن عورت جي ڪمزور بنايل صنف کي طاقتور بنائي سسئيءَ کان هي نعرو هڻايو آهي ته “ آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿين”. سو هن سنڌي قوم جي جيڪا سڪرات اڃا ختم نٿي ٿئي شايد ان جي اندر ڀٽائيءَ جو فڪر “هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار” هنجي لاءِ آڪسيجن بڻيل آهي پوءِ مون سبط حسن جي ان ياد ڏيارڻ کانپوءِ شيخ اياز کي به ڀٽائيءَ جو تسلسل سمجهو جو اياز به ستل قوم کي همٿائڻ لاءِ چيو ته “ٿي تند وڙهي تلوارن سان” اياز جي ان حوصلي ڏيارڻ کانپوءِ جيڪا اڃا وڏي ڳالهه گهر جي چور وڏيرن جي هر وقت ستائيندي رهي ٿي انهن لاءِ منشي ابراهيم به ڪيڏارو ڳايو ته “مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾- ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾” بهرحال ڀٽائيءَ جي تسلسل ۾ گهر جي چور وڏيرن کي راشد مورائي به شرمايو ته “او ڀڀ وڏا او ڄڀ تکا جي تنهنجي هٿ ۾ گولي آ، ته باغي هڪڙو مان ناهيان باغي مون سان ٽولي آ” “سو باهه ڏئي ٿو ڪريان سُڃ لٽيرن جي، هت ٻن ڏينهن کان ٻار بُکيا، پر توکي تياري نيرن جي”. ڀٽائيءَ هن وقت تائين جيڪي جذبا جاڳايا آهن سبط حسن انهن کي برابر خوب سمجهيو هئو ان جي تسلسل کي آڪاش انصارءَ به خاصو اڳتي وڌايو ته “پلئه ڪندس پلئه ڪندس اي وقت توسان آ وچن، مان ڪيئن رهان جلاوطن مان ڪيئن رهان جلا وطن”. پوءِ وري سنڌ جي غلام هجڻ جي ڪيس کي هنن شاعرن جڏهن ڀٽائيءَ جي پارت مطابق سدا حيات بڻايو ته رب سائين واري سنڌين کي سرمد سنڌي ڏنو جنهن پنهنجي درديلي آواز سان ڄڻ ته قبرن منجهان مُئل وارثن کي جيئرو ڪري پئي ميدان تي آندو. پوءِ ان کي به نواز زنئور جي قيد بابت لکيل ڪتاب مطابق عالمي سامراج جي نمائندن ايڪسيڊنٽ جي ڊرامائي بهاني سان مارائي ڇڏيو ته ڪٿائين هن ماڻهوءَ جو آواز سنڌ ۾ انقلاب نه آڻي ڇڏي. پوءِ مون به سوچيو ته چوڏهن آگسٽ اڻويهه سئو ستيتاليهه تي اسان آزاد ته ڪو نه ٿيا آهيون پوءِ شام غريبان جا مرثيا ۽ نوحا ڇا جا تنهن ڪري سنڌ جي غلاميءَ ۾ گذارڻ کان ڇو نه پاڪستان جي آزاد ٿيڻ جي مفروضي تي شام غريبان جي فلاسفي مٿان بحث ڪجي. اهو هن بسم الله سان ته بانيءِ پاڪستان يارهين آگسٽ تي دو قومي نظريي جي خلاف تقرير ڪئي ته ان تقرير کي نظريه پاڪستان جي خلاف قرار ڏنو ويو اڳتي هلي جناح صاحب پاڪستان اندر هندستان جي سفير کي چيو ته تون نهروءَ کي چئج ته منهنجو بمبئي وارو گهر شرنار ٿين جي گهرن کي ضبط ڪرڻ وانگر ضبط نه ڪجو آئون پاڪستان منجهان نوڪري پوري ڪري باقي زندگي بمبئي ۾ اچي گذاريندس. ان ڪري ڳجهن طاقتن کيس مشورو ڏنو ته اوهان ملڪ ٺاهڻ تي وڏا ڪشالا ڪيا آهن انڪري اوهان کي ڪجهه وقت لاءِ آرام ڪرڻ گهرجي پوءِ کيس بلوچستان جي شهر زيارت جي ريسٽ هائوس ۾ رهائي دوائن ذريعي ماري ڇڏيائونس. جناح جي فوتگي کان پوءِ سال گذرڻ تي ان جي پهرين ورسي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان لاءِ ريڊيو پاڪستان وارا ٽيپ ريڪارڊ کڻي فاطمه جناح وٽ آيا ته اوهان تقرير ڪيو ته اسان اها ريڊيو تي نشر ڪنداسين. مادر ملت چيو ته آئون تقرير لائيو ڪنديس جي نه ته ڪنديس ئي ڪانه مون وٽان نڪري وڃو. پوءِ مجبور ٿي ريڊيو اسٽيشن تي وٺي ويس ۽ اتي تقرير کان اڳ ۾ پروڊيوسر کي سمجهايو ويو ته اسان جو ماڻهو ڪنڊ پاسي تي بيٺل هوندو جيئن ئي هو توکي اشارو ڪري ته تون آواز ۾ گوڙ وجهي ڇڏجان جو ٻڌڻ وارا تقرير کي سمجهي نه سگهن. ان کانپوءِ تُرت ئي آمريڪا پاڪستان کي خيرات ۾ ان ڏيئي پاڪ آمريڪا دوستيءَ جي ملڪ ۾ ۽ دنيا ۾ وڏا ڊنڍورا ڪرايا ته پاڪستان آمريڪا جو وڏو يار آهي ۽ آمريڪا به پاڪستان جو وڏو دوست آهي. جڏهن ته هندستان ٻن عالمي طاقتن آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ ڪنهن به هڪڙي ملڪ جي بلاڪ ۾ وڃڻ بدران خارجه پاليسي کي وڏن وليدادن جي غلاميءَ کان آزاد رکيو. پوءِ تُرت ئي آمريڪا پاڪستان کي ڪڻڪ ڏئي دوستيءَ جو دُهل وڄائي دنيا اندر پنهنجو جاسوس ڪري هلائڻ گهريو جنهن کي لياقت علي خان سمجهي ويو ته اسان کي هيءَ آزادي ته ڇيڻي مٿان کنڊ جو ليپ ڏئي لڏون ڪري ڏني وئي آهي. سو اڳتي جي حڪمن احڪامن جي فرمانبرداريءَ ۾ اگر مگر چون چنانچ ڪرڻ لڳو جنهن تي ملڪ جي اصل مالڪن راولپنڊي جي مري روڊ تي واقع هڪ باغ ۾ تقرير ڪندي ان کي گولي ذريعي مارائي ڇڏيو پوءِ بدلي ۾ باغ جو نالو به لياقت باغ رکيائون ۽ شهيد ملت جو لقب به ڏنائونس ۽ ڪراچي کڻي وڃي جناح جي قبر جي پاڙي ۾ به دفن ڪيائونس ۽ قبر تي به هي شعر لکيائون ته “صلئہ شہید کیا ھے۔ تب و تاب جاودانہ” پختون خواهه جي وزيراعليٰ ڊاڪٽر خان به پنهنجي ننڍي ڀاءَ غفار خان کي اڳيان بيهاري پويان بليڪ ميلنگ واري سياست شروع ڪئي ته ڳجهين طاقتن ان کي به راهه رباني وٺرائي ڇڏيائون ليڪن جناح صاحب جي مرتئي کانپوءِ گورنر جنرل خواجه ناظم الدين بنگالي بڻيو جيڪو لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ ان جي خالي عهدي تي پاڻ وزيراعظم به ٿيو جنهن جي عهدي کان ڳجهين طاقتن وارا بيزار ٿيا ته مون کي پير صاحب پاڳاري مرحوم سڪندر شاهه ٻڌايو ته چوڌري محمد علي هن جي خلاف هنکي مرزائي قاديانين جو حامي مشهور ڪرائي ختم نبوت عقيدي جو دشمن مشهوري ڪري سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪرايا جلوس ڪڍرايا وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪرايون ويون ته جيئن وزارت عظميٰ جي سيٽ خالي ٿئي ۽ کيس وارو ملي. مون سان مرحوم محمد شاهه امروٽيءَ ڳالهه ڪئي ته ان تحريڪ ۾ آئون به شامل هئس ۽ احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيس سڄي ملڪ ۾ سوا لک ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ٿيا هوا، جيل ڀرجي ويا هئا، جيلن ۾ خالي جڳهه نه هجڻ ڪري ٻاهر ميدانن تي ڪنڊيدار تارن جي لوڙهن ۾ ماڻهن کي قيد ۾ رکيو ويو هئو. اسان کي اتي باخبر ڄاڻ رکندڙ قيدين وٽان خبر ملي ته خواجه نظام الدين مٿان ختم نبوت جي منڪر هجڻ جو ۽ مرزائين جي حامي هجڻ جو ڪوڙو الزام ٿاڦيو ويو آهي ته جيئن اهو عهدو چوڌري محمد علي پاڻ ماڻي سگهي. سو ان موقعي تي شهر لاهور ۾ ڪڍيل جلوس خلاف بجاءِ قلم سئوچوتاليهه ۽ ڪرفيو جي عارضي طور مارشلا هنئي وئي جنهن ۾ جنرل اعظم خان جي ڪمانڊ ۾ مال روڊ لاهور مٿان ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ڏهه هزار ماڻهو شهيد ڪيا ويا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ شهر ڪراچيءَ ۾ جنرل اعظم خان جي ان ڪارنامي تي ان جي نالي جي اعزاز ۾ اعظم ڪالوني بڻائي وئي. ذوالفقار ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کان اڳ ۾ ضياءُالحق جي ڪئبنيٽ جو وزير اي ڪي بروهي جي ايم سيد وٽ آيو ته ڀٽي کي ڦاسي ملڻ ڪري خيال ڪجو ته سنڌ جي روڊن تي ڪو به ماڻهو ٻاهر اچڻ نه گهرجي. سراج ميمڻ سنڌ جو نامور اديب ناول نگار هڪ ڪچهري ۾ ٻڌايو ته پنڊي ۾ چڪلاله ايئرپورٽ تي آئون وزيراعظم ذوالفقار علي سان گڏ هئيس اتي آمريڪا جو وزير خارجه هينري ڪسينجر به آيل موجود هئو جنهن ڀٽي صاحب کي چيو ته اسان تنهنجو اهڙو مثال قائم ڪنداين جو سڄي دنيا ڏسندي ۽ ٻڌندي اڳتي هلي جڏهن ڀٽي کي اقتدار تان لاهي انکي جيل ۾ وجهي مٿس ڪيس هلايو ويو ته آمريڪا سرڪار کي کٽڪو ٿيو ته ڪٿائين ضياءُالحق ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کان ڪيٻائي ته ضياءُالحق کي چوايو ويو ته خبردار قبر صرف هڪڙي آهي جيڪڏهن ان ۾ ذوالفقار ڀٽي کي دفن نه ڪيو ويو ته توکي ان ۾ دفن ڪيو ويندو. ان کان اڳتي اخبار جنگ جي ايڊيٽر محمود شاهه پنهنجي ڪتاب آمريڪا ڪيا سوچتا هي ۾ لکيو آهي ته هڪ ڀيري اسان اخبارن جي ايڊيٽرن کي صدر جنرل پرويز مشرف گهرايو ۽ گهڻن ڳالهين سان گڏ هيءَ به ڳالهه ڪيائين ته ان وٽ پاڪستان ۾ آمريڪن وزارت خارجه جو وزير آيو ۽ ان چيو ته اسان جي عراق سان جنگ ۾ اوهان اسان کي زميني هوائي اڏو ڏيو ٿا يا نٿا ڏيو. جواب ۾ صرف ها يا نه جو لفظ چئو ٻيو ڪجهه به نه ۽ هي به ٻڌي ڇڏيو ته انڪاري جواب جي صورت ۾ اوهان کي اسان پٿرن جي دور ۾ پهچائي ڇڏينداسون. بهرحال اڳتي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان عراق خلاف آمريڪا کي پنهنجي ملڪ ۾ جنگي هوائي اڏي لاءِ زمين ڏني پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي سڀ ڄاڻو ٿا. خبر ناهي ته صدر پرويز مشرف شوبازي پيو ڪري يا فارملٽي پيو ڪري. غالبن لاهور ۾ جنرلن جو اجلاس ڪوٺائي ان ۾ بحث ڪرايو ويو ته عراق خلاف جنگ ۾ آمريڪا کي جنگي هوائي اڏي جي لاءِ اسان زمين ڏيون يا نه ڏيون؟ ته حاضرين اجلاس منجهان ايئرمارشل مير مصحف علي چيو ته اسانکي هڪ مسلمان ملڪ کي مارائڻ لاءِ آمريڪا کي اڏو نه ڏيڻ گهرجي. اجلاس جي خاتمي کانپوءِ سڀڪو واپس پنهنجي گهر روانو ٿي ويو ۽ مير مصحف علي پنهنجي جهاز ۾ رسالپور وڃي رهيو هئو ته بنون ۽ ڪوهاٽ جي وچ ڌاري جهاز ڪري سڙي ويو ۽ منجهس سوار ايئر مارشل کي به پٿريلي علائقي ۾ پهچائي دفن ڪيو ويو. آئون هي تلخ يادون صرف هن ڪري لکي رهيو آهيان ته مهينو ڏيڍ اڳ اخبار جنگ جي هڪ ڪالم نويس لکيو ته لنڊن ۾ هڪڙي ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ دنيا جي ملڪن هلائڻ لاءِ پاليسيون ٺاهيندڙ آمريڪا ۽ يورپ جا نمائندا شريڪ ٿيندا آهن اهي گڏ ٿيا ۽ چيائون ته پاڪستان ۾ عمران کي اسان اليڪشن کٽرائي آهي پر هي ماڻهو هڪ ته چريو آهي ٻيو ته هي ضديرو به آهي ان جي مٿان نظر رکي وڃي ته متان ڪٿائين پاڪستان کي سڌارڻ لاءِ ڪي قدم نه کڻي وجهي. مون جڏهن ان تازي ڪالم کي ڄاتو ته هڪ ٻيو پراڻو ڪالم به ياد آيو جيڪو اخبار جنگ جي انوقت جي ڪالم نگار غلام نبي مغل لکيو هو ته سنڌ جي وزيراعليٰ عبدالله شاهه وٽ آمريڪن وزارت خارجه جي ليڊي سيڪريٽري آئي ۽ ڳالهين دوران شڪايت ڪيائين ته اوهان وٽ دهشتگردي ۽ قتل جا واقعا گهڻا ٿين ٿا اوهان انهن کي هن وقت تائين ڪجهه به ناهيو ڪري سگهيا؟ جواب ۾ شاهه صاحب چيس ته هو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا اسان ڇا ڪيون. ان ميٽنگ ۾ سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ به ويٺو هو ان اُتي ئي هڪڙو فائل کولي پيش ڪيو ته ڪراچي شهر جا اڻ ڳڻيا خوني قاتل آمريڪن ويزا وٺي پاڪستان کان نڪري ڀڄي ويا هئا ته ليڊي سيڪريٽري فائل پڙهي هوم سيڪريٽري کي چيو ته تون ته ڪو وڏو ڪامپيٽنٽ ماڻهو ٿو ڏسجين!!!. ان ملاقات کان پوءِ وزيراعليٰ سيد عبدالله هوم سيڪريٽري کي چيو ته آمريڪن ليڊي سيڪريٽري جيڪا تنهنجي ساراهه ڪئي آهي ان منجهان مون کي خطري جي بوءِ اچي ٿي سو تون هاڻي هن کاتي جي چارج ڇڏي ٻئي کاتي ۾ هليو وڃ. پوءِ به ان ٻئي کاتي ۾ پهچڻ کان پوءِ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ان سيڪريٽري کي واٽ ويندي قتل ڪيو ويو. سو ڌارين جا سڀ اهي واقعا ۽ مثال ڏسي سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن بابت پڪ ٿئي ٿي ته اهي وڏن وليدادن جو مهربانيون هونديون جن جي نشاني ۾ ايندڙ سنڌي، پنجابي ٻئي برابر آهن تڏهن ته اڳين ڀيري سزا ملڻ وقت نوازشريف چيو هو ته مون کي جٿان لڳي آهي آئون ان ماڳ کي سڃاڻان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو