پاڪستان ۾ روزانو 8 ٻار جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا

سکر (جيرام داس ) ٻارڙن سان جنسي تشدد خلاف ملڪي سطح تي ڪم ڪندڙ  تنظيم ساحل جي سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر برڪت علي انصاري پرييس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ روزانو 8 ٻار جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿين ٿا سال 2019ع ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو گهٽ واقعا ٿيا آهن سال 2019 ع ۾ ڪل 2846 ٻارن کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو جن مان 1322 ڇوڪرا ۽ 1524 ڇوڪريون هيون 348 ڇوڪرن ۽ 279 ڇوڪرين سان جنسي ڏاڍئي ڪئي وئي 205 ڇوڪرن ۽ 115 ڇوڪرين سان اجتماعي جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي 21 ڇوڪرن ۽ 21 ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائي دوران قتل ڪيو ويو 5 ڇوڪرن ۽ 6 ڇوڪرين کي اجتماعي ڏاڍائي دوران قتل ڪيو ويو 7 ڇوڪرن ۽ 3 ڇوڪرين کي اغوا بعد ڏاڍائي ڪري قتل ڪيو ويو هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۾ 1502 ۽ سنڌ ۾ 861 ٿيا اسلام آباد ۾ 203 ڪي پي ڪي ۾ 170 بلوچستان ۾ 72 ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 11 جنسي ڏاڍائي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن پاڪستان جي ڳوٺن ۾ 64 سيڪڙو ۽ شهرن ۾ 36 سيڪڙو واقعا رپورٽ ٿيا آهن برڪت علي انصاري چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس خيرپور ضلعي ۾ 104 گهوٽڪي ۾ 88 سکر ۾ 64 لاڙڪاڻي ۾ 53 ۽ ڪراچي ۾ 40 ڪيس ٿيا هن چيو ته انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ننڍپڻ جي شادي جا ملڪ ۾ 104 ۽ سنڌ ۾ 85 ڪيس سامهون آيا جن مان گهوٽڪي ۾ 13 خيرپور ۾ 10 ۽ سکر ۾ 5 ڪيس ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو