پاڪستان ۾ روزانو 1000 ماڻهو اڌ رنگ جو شڪار ڇو ٿا ٿين؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ روزانو هڪ هزار ماڻهو اڌ رنگ جي بيماري جو شڪار ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه پاڪستان اسٽروڪ سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر روي شنڪر ۽ ٻين طبي ماهرن ڪئي. هنن ٻڌايو ته 1000 اڌ رنگ جي مريضن مان 400 فوت به ٿي وڃن ٿا جڏهن ته 200 کان 300 ماڻهو روازنو هميشه لاءِ اپاهج ٿي رهيا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ دل جي بيماري لاءِ جڙيل قومي اداري جيان اڌ رنگ جي علاج لاءِ اسپتال قائم ڪئي وڃي. ماهرن اهو به ٻڌايو ته هر هڪ لک مان 1200 ماڻهو اڌ رنگ جي بيماري ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، 15 سال پهريان اهو تعداد صرف 250 هو. ڪورونا وائرس کانپوءِ مارچ کان هيستائين اڌ رنگ بيماري ۾ ورتل ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، صوبائي حڪومتن کي ان بيماري کي قابو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ضلعي اسپتالن ۾ فالج يونٽس قائم ڪرڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو