پاڪستان ۽ چين پاران گڏيل هوائي فوجي مشقون

ٺٽو(ن سنڌيار)پاڪستان ۽ چين پاران ٺٽو ۾ گڏيل فوجي جنگي مشقن جي شروعات ڪئي وئي آهي.ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل هوائي فوجي جنگي مشقن جي شروعات ڀولاري بيس ٺٽو ۾ ٿي، هن هوائي فوجي جنگي مشقن کي شاهين ايگل جو نالو ڏنو ويو آهي.پاڪستان ايئرفورس موجب ٻنهي ملڪن جي فضائي فوجي مشق شاهين ايگل نائن جي شروعات هڪ آپريشنل ايئربيس تي ٿي.مشقن ۾ جنگي پائلٽن، ايئرڊفينس ڪنٽرولر ۽ ٽيڪنيڪي اسٽاف تي مشتمل چيني هوائي پيپلز لبريشن آرمي ايئرفورس جي دستي حصو ورتو.افتتاحي تقريب ۾ هوائي فوج جي ايئروائيس مارشل وقاص احمد سلهري، چين جي ميجر سن هانگ ۽ چين هوائي جوج جي اسٽنٽ چيف آف اسٽاف به شرڪت ڪئي. 

پهنجو تبصرو موڪليو