پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي آخري ٽيسٽ جو آخري ڏينهن

ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ويسٽ انڊيز کي سيريز ۽ آخري ٻئي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ 329 رنز جو ٽارگٽ ڏنو آهي. ويسٽ انڊيز چوٿين ڏينهن جي راند پوري ٿيڻ تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 49 رنز اسڪور ڪري چڪو آهي اڄ آخري ڏينهن تي ٻنهي ٽيمن ۾ مقابلو آهي. پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 9 وڪيٽون گهربل آهن ۽ ويسٽ انڊيز کي 280 رنز ٺاهڻيون آهن. پاڪستان پهرين اننگ ۾ 9 وڪيٽن تي 302 رنز ٺاهڻ بعد اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي. جنهن ۾ فواد عالم 22 ميچز ۾ پنجين ٽيسٽ سينچري اسڪور ڪري ايشيا ۾ گهٽ ميچز ۾ وڌيڪ سينچريون ٺاهڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو ۽ 124 ناٽ آئوٽ رهيو. چوٿين ڏينهن تي ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 150 رنز تي ڍير ٿي وئي هئي جنهن ۾ شاهين آفريدي ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪندي 6، عباس 3 ۽ فهين اشرف هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان 152 رنز جي برتري سان ٻئي اننگ شروع ڪئي ۽ 174 تي ٻئي اننگ به ڊڪليئر ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو