پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ، 233 جو ٽارگيٽ مقرر

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جو پهريون ميچ اڄ ليڊز ۾ کيڏيو ويو ، انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصل ڪيو. پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگ شروع ڪي، ۽ پوري ٽيم 232 رنز 6 وڪيٽن تي ٺاهي ورتيون. ٻنهي ۾ 150 رنز جي پاڙٽنرشپقائم ٿي ۽ 15 هين اوور ۾ رضوان هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 61 رنز ٺاهي 41 بالن تي گريگوري جي بال تي ڪيپر بيئر اسٽوو هٿان يچ ٿيو، پاڪستاني اسڪواڊ ۾ اعظم خان، بابر اعظم، فخرالزمان، شرجيل خان، صهيب مقصود، فهيم اشرف، عماد وسيم، محمد حفيظ، محمد نواز، محمد رضوان، سرفراز احمد، محمد وسيم، شاداب خان، ارشد اقبال، حارث رئوف، حسن علي، محمد حسنين، شاهين آفريدي ۽ عثمان قادر شامل آهن. حسن علي پهرين ميچ نه کيڏندو. انگلينڊ جي اسڪواڊ ۾ ڊيوڊ مَلن، آئن مورگن، جيسن راءِ، ٽوم بينٽن، ليوس گريگوري، معين علي، جوني بيئراسٽوو، ليم لونگ اسٽون، جوز بٽلر، ڪرس جارڊن، عادل رشيد، ڊيوڊ وِلي، جيڪ بال، ميٽ پارڪنسن، ثاقب محمود ۽ ٽوم ڪرن شامل آهن. ٻئي ٽيمون انهن اسڪوڊ مان 11، 11 پليئر چونڊينديون. ياد رهي ته اعلان جي باوجود به شاهنواز ڏاهاڻي کي شامل ناهي ڪيو ويو.ياد رهي ته ان کان اڳ انگلينڊ ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو