پاڪستان ھيومن رائيٽس فورم جي انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي ريلي

ٽنڊو محمد خان ( مظفر علي بروهي) ڊسمبر10 انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي موقع تي سڄي دنيا وانگر ٽنڊو محمد خان ۾ به  انساني حقن جو عالمي ڏيھاڙو ملھايو ويو جنهن ۾ پاڪستان ھيومن رائيٽس فورم جي ضلعي صدر محمد عظيم بروھي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڊي وئي جيڪا نيشنل بينڪ کان شروع ٿي پريس ڪلب پھتي جڏھن ته  ريلي ۾ شريڪ ھيومن رائيٽس جي جنرل سيڪريٽري قادر شورو ؛ فياض بروھي ؛ رشيد بروھي ؛عامر بلوچ  ۽ شھزاد ھاليپوٽو ۽ ٻيا ڪيترائي ميمبر شريڪ ھئا ريلي جي شرڪاء جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ آبادگار شگر ملز انتظاميه جبري طور مل مان مزدورن کي برطرف ڪري ڇڏيو آھي جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي ان کان علاوه آبادگارن کي گھٽ ريٽ ڏيڻ ۽ بقايا جات نه ڏيڻ ڪري آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شگر ملز انتظاميه فوري ملازمن کي بحال ڪري ۽ آبادگارن کي رھتون ادا ڪري نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو