پاڪستان جي 5 وڪيٽن تان فتح، بنگلاديش سيريز ۾ وائيٽ واش

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلا ديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ابتدا ۾ پاڪستاني بيٽنگ مشڪلات جو شڪار رهي، پهرين وڪيٽ ڪپتن بابر اعظم جي ستين اوور ۾ کين ملي جڏهن هو ٻن چوڪن جي مدد سان 25 بالن تي 19 رنس ٺاهي چڪو هو ۽ مجموعي اسڪور 32 هو. امين الاسلام جي بال تي معين هٿان ڪيچ ٿيو. محمد رضوان ۽ حيدر علي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 83 جي مجموعي اسڪور تي رضوان 40 رنز اسڪور ڪري شاهد اسلام جي بال تي بڳولڊ ٿيو. جنهن بعد حيدعلي 38 بالن تي 45 رنز ٺاهي ڪپتان جي بال تي ڪيچ ٿيو. سرفراز 12 بالن تي 6 ۽ افتخار احمد ٻن بالن تي ڇڪو هڻي واپس موٽيا. خوشدل ۽ محمد نواز ناٽ آئوٽ رهيا.

ٽن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشل ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 124 رنز ٺاهي سگهي. شاهنواز ڏاهاڻي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ ميچ جي ٻئي ۽ پنهنجي پهرين اوور ۾ ئي اوپنر نجم الحسين شانتو کي 5 رنز تي بولڊ ڪري پاڪستان لاءِ ترت بريڪ ٿرو ڪري ورتو.

پهريون اوور محمد نواز ڪرايو. ٻئي اوپنر محمد نعيم 50 بالن ٽن ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 47 رز ٺاهيون ته محمد وسيم پنهنجي بال تي ڪيچ ڪري ورتس. شميم حسين ۽ افيف حسين ترتيبوار 20 ۽ 22 رنز اسڪور ڪيون ٻنهي جون وڪيٽون عثمان قادر ورتيون. ڪپتان محمود الله 13 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. عثمان قادر ۽ محمد وسيم ٻه ٻه جڏهن ته ڏاهاڻي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي محمد افتخار ۽ محمد نواز کي وڪيٽ نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو