پاڪستان کي انگلينڊ جي 9 وڪيٽن تان بدترين شڪست

ڪارڊف (ويب ڊيسڪ) پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچز جي سيريز ۾ پنهنجي ڪاميابي جي شروعات ڪري ڇڏي. پاڪستان 35.2 اوورز ۾ 141 تي آل آئوٽ ٿي ويا. جنهن ي جواب ۾ انگلينڊ بيٽنگ شروع ڪئي ته سندن اوپنر فل سالٽ 7 رنز ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي صهيب مقصود هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڊيوڊ  ملن ۽ زيڪ ڪرالي شاندار راند ڪندي ترتيبوار 68 ۽ 58 رنز ناٽ آئوٽ اسڪو ڪري ٽيم کي 21.5 اوورز ۾ ڪاميابي ڏياري. ڪورونا وائرس سبب انگلينڊ جا اڪثر سينئر پليئر آئوٽ ٿي ويا ۽ 5 ڊيبيو ڪندڙ رانديگرن سان انگلينڊ مڪمل نئي ٽيم طور ميدان ۾آئي. خميس تي کيڏيل ميچ جيڪا پنجين وڳي پاڪستاني وقت موجب شروع ٿي، ٽاس کٽي انگلينڊ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان پاران فخرالزمان ۽ امام الحق اننگ شروع ڪئي ته ثاقب محمود جي پهرين ئي بال تي امام الحق زيرو تي ايل بي دبليو ٿيو. بابر اعظم ٻن بالن تي بنا رن ٺاهي پولين موٽيو هن کي ثاقب محمود جي بال تي زيڪ ڪرالي ڪيچ ڪيو. جنهن بعد محمد رصوان ليوائس گريگوري جي بال تي جان سمپسن هٿان 13 رن ٺاهي ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڊيبيو ڪندڙ سعود شڪيل آيو پر هن به ٻوٽو نه ٻاريو 32 بالن تي 19 رنز ٺاهي ثاقب محمود جو ٽيون شڪار بڻيو ۽ ايل بي ڊبليو ٿيو. صهيب مقصود کي فخر 19 تي رن آئوت ڪرايو ته پاڪستان جا 90 جي اسڪور تي 6 آئوٽ ٿيا ۽ پويلين ۾ مايوسي ڦهلجي وئي.ڇهين وڪيٽ فخر جي هئي جنهن 67 بالن تي 47 رنز ٺاهيون. جنهن بعد ساداب 30، فهيم اشرف 5، حسن علي 6، آفريدي 12 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ سڄي ٽيم 35.2 اوورز ۾ 141 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ثاقب محمود 4، ميٽ پارڪنسن ۽ ڪريگ اوورٽن ٻه ٻه ۽ ليوائس گريگوري کي هڪ وڪيٽ ملي. ٻئي ون ڊي ڇنڇر تي لارڊز ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو