پاڪستان کان وايا ايران ترڪي تائين مال بردار ريل شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد کان ايران جي راڄڌاني تهران ۽ ترڪي جي راڄڌاني استنبول تائين مال بردار ٽرين هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.  جنهن جو افتتاح ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪيو. ان موقعي تي ريلوي واري وزير اعظم سواتي چيو ته ڪارگو ٽرين کانپوءِ مسافر ٽرين به شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته استنبول، تهران-اسلام آباد مال بردار ٽرين جو آپريشن بحال ٿيڻ خوش آئند آهي. ٽرين هڪ طرفو سفر 12 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندي ۽ پاڪستان، ايران ۽ ترڪي وچ ۾ سامان جي آمد و رفت ۾ مدد ملندي. ڪندي. اسلام آباد کان تهران کان رواني ٿيندي، استنبول مال بردار ٽرين خميس تي راولپنڊي، لاهور، سکر کان ٿيندي سپزند ريلوي اسٽيشن تي پهچندي، ٽرين نوشڪي، دالبندين ۽ تفتان کان ٿيندي زاهدان ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو