پاڪستان کان به پراڻو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سهيل سمون) پاڪستان کان به پراڻو ڳوٺ خميسو ملاح انگڙائي اڄ جي جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي.  پاڪستان جي قيام کي به 70 سال گذري وڃڻ باوجود هتي جي چونڊيل نمائندن ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو.  ڳوٺ ۾ نه روڊ، نه بجلي، نه سرڪاري اسڪول ۽ نه ئي وري ڪا اسپتال يا پيئڻ جي پاڻي جي ڪا سهوليت موجود آهي۔ هتي جي مالوند ماڻهن  کان هر دور جي حاڪم ڪوڙن دلاسن ۽ دوکن تي ووٽ وٺي وڃن ٿا وري 5 سالن کان پوء انهن جي گاڏين جو رخ هن ڳوٺ طرف ٿئي ٿو ۽ هي ڳوٺاڻا اهو سوال ٿا ڪن ته ڇا هن ڳوٺ يا اسانجو تعلق هن پاڪ وطن سان ناهي؟ هنن چيو ته هاڻي ووٽ ان کي ڏينداسين جيڪو اڳ ۾ ڪم ڪرائيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو