پاڪستان پاران غزنوي بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان هر قسم جو جنگي سامان کڻي ويندڙ غزنوي بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو. پاڪ فوج جي تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق بيلسٽڪ ميزائل 290 ڪلوميٽر تائين هر قسم جي وارهيڊ گڏ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب غزنوي ميزائل زمين کان زمين تائين هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو تجربي جو مقصد ڏينهن رات آپريشنل تيارين کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر موجب تجربي دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ليفٽيننٽ جنرل نديم ذڪي منج به موجود هيو ان کان علاوهه ڪمانڊر آڙمي اسٽريٽجڪ فورسز، چيئرمين نيسڪام ۽ ٻيا سينيئر آفيسر به ميزائل فائر جو مشاهدو ڪيو. ملڪ جي صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن پاران ڪامياب ميزائل تجربي تي پاڪ فوج ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو