پاڪستان جي فتح جو سلسلو برقرار، اسڪاٽ لينڊ کي 72 رنز تان شڪست

پاڪستان جي فتح جو سلسلو برقرار، اسڪاٽ لينڊ کي 72 رنز تان شڪست دبئي(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل عالمي ڪپ جو شارجا ۾ کيڏيل 41 هين ميچ ۽ گروپ جي آخري ميچ ۾ پاڪستان اسڪاٽ لينڊ کي 72 رنز تان شڪست ڏئي هن مهل تائين ناقابل شڪست ٽيم رهي. شعيب ملڪ پليئر آف دي ميچ رهيو.

اسڪاٽ لينڊ جو ٽاپ آرڊر ناڪام رهيو 41 تي 4 آئوٽ ٿي ويا هئا. رچي بيرنگٽن37 بالن تي 54 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. شاداب ٻه وڪيٽون، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصل ڪيو ۽ چار وڪيٽن جي نقصان تي 189رنز ٺاهيون. بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگ شروع ڪئي ته اسڪاٽش بالرز شروع ۾ ڇائنيل رهيا. محمد رضوان هڪ ڇڪو هڻي 19 بال کيڏي 15 رنز ٺاهي اسپنر حمزو طاهر جي بال تي ميٿيو ڪراس هٿان ڪيچ ٿيو. 35 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ ڪرڻ بعد فخرالزمان آيو پر هن به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 13 بالن تي 8 رنز اسڪور ڪري اسپنر ڪرس گريوز جي بال تي بائونڊري لڳ ڪيچ ٿي ويو. ڏهين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي اسڪور 59 هو. جنهن بعد بابر جو ساٿ ڏيڻ محمد حفيظ آيو جيڪو جارحاڻي انداز ۾ کيڏيو ۽ ڪپتاقن سان 53 رنز جي پارٽنر شپ ۾ هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي 31 رنز ٺاهي شريف جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. پندرهين اوور جي اڳئين بال تي بابراعظم ففٽي مڪم ڪئي ۽ سندس ساٿ لاءِ شعيب ملڪ آيو ۽ هن به ڌوڙيا لائي ڏنا. بابر به ففٽي ڪرڻ بعد فري ٿي کيڏيو ته بائونڊري تي فلڊر هٿ مان بال ٻاهر ڪريو ۽ ڇڪو ٿيو پر ارڙهين اوور ۾ اڳئين بال تي گريوز جي بال تي 66 رنز تي ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد آصف علي آيو، جنهن مزو نه ڪيو پر شعيب ملڪ ڇڪن ۽ چوڪن جي بارش جاري رکي ۽ 6 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 18 بالن تي تيز ترين ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 54 تي ناٽ آئوٽ رهيو. محمد آصف 4 بالن تي 5 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، پاڪستان 4 وڪجيٽن جي نقصان تي مقرر اوورز ۾ 189 رنز ٺاهيون. پاڪستان جي اننگ ۾11 ڇڪا ۽ 10 چوڪا لڳا.

پهنجو تبصرو موڪليو