پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي لاءِ نيوزيلينڊ ٽيم جو اعلان

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ پاڪستان جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي اڳواڻي مچل سينيبز ڪندو. مارٽن گپٽل، اسڪاٽ ڪگلين، گلين سلفپس، اش سودهي، ٽم سيفرٽ ۽ بليئرٽگنز ٽيم ۾ شامل آهن. لوڊايسٽل، ڊوگ بريسويل، مارڪ چيمپچين، ڊيون ڪانوي ۽ جيب ڊفي به اسڪواڊ جو حصو آهي. ٻئين ۽ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪين وليمسن ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. جڏهن ته فاسٽ بالر لوڪي فرگوسن انجري سبب سيريز کان ٻاهر آهي ۽ هميش بينيٽ به ان فٽ آهي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 سيريز ارڙهين ڊسمبر کان شروع ٿيندي. نيوزيلينڊ پاڪستان جي خلاف 3 ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي ميزباني ڪندو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهريون ٽي 20 ميچ 18 ڊسمبر تي آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. ٻيون ميچ 20 ڊسمبر هيلمٽن، ٽيون ۽ آخري ميچ 22 ڊسمبر تي نيپئر ۾ کيڏيو ويندو.ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ٽورنگا ۾ کيڏيو ويندو. ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 جنوري کان 7 جنوري تائين ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي خلاف ٽي 20 لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو