پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ چين جو ڪردار

 ليکڪ   جاويد سولنگي

چين ھڪ سٺي پاڙيسري ملڪ سان گڏوگڏ پاڪستان جو سٺودوست پڻ آهي. پاڪستان جي هر ڏکي وقت تي مالي، سياسي. سفارتي ۽ دفاعي مدد ۽ دنيا جي ھر فورم تي پاڪستان کي سپورٽ  ڪندو رهيو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته چين کي مستقبل ۾ سپر پاور ملڪ بڻجڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگھي. جنهن تيزيءَ سان چين ترقي ڪري رهيو آهي، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن چين هن دنيا تي پنھنجي حڪمراني حاصل ڪري وٺندو. چائنه وڏي هوشياريءَ سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بيشمار سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، جنهن جو مثال چائنه پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور آهي. پاڪستان ۾ بظاهر غيريقيني واري صورت حال جي پيشي نظر، مقامي سطح تي رنڊڪن جي باوجود چين 2015 ۾ 46 بلين ڊالرز جو پاڪستان سان سي پيڪ جو معاهدو ڪيو.جنهن جو هاڻيڪو تخمينو 65 ارب ڊالرز لڳايو پيو وڃي. هن معاهدي سان پاڪستان جي ڪمزرو معيشت کي وڏي مدي تائين سهارو مليو ۽ دنيا به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ٿي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر ملڪ جا پنهنجا مفاد ۽ مقصدَ هوندا آهن، چين جا به پنھنجا مقصد، ترجيحات ۽ مفاد آھن. هو ھن خطي تي پنھنجي سيڙپڪاري جي ذريعي مستقبل ۾ پنھنجي ”وڏيرائپ“ قائم ڪرڻ چاھي ٿو. سي پيڪ جو مقصد پاڪستان جي ڪمزرو بنيادي ڍانچي کي بدلائڻ سان گڏو گڏ ان کي ترقي ڏيارڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ پوري ملڪ خاص طور تي گوادر بندرگاه کي روڊ رستن ذريعي ملڪ جي ٻين شھرن سان گڏوگڏ چين تائين رسائي ڏيڻ، گوادر ۾ ھوائي اڏي جي تعمير، مختلف قسمن جون 3 وڏيون فيڪٽريون قائم ڪرڻ، پاڪستان جي بجلي جي گھرج کي پوروڪرڻ،ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ ھن مھائدي جو حصو آهن.  گوادر بندر گاه اھميت واري جاءِ تي واقع هجڻ جي ڪري ۽ پاڪستان جي معيشت لاءِ اهم ڪردار جي حامل هن بندره گاه کي چيني ڪمپني ھلائي رھي آھي، جيڪو بلوچستان جي ڏورانھي علائقي ۾ قائم ڪيو ويو آھي، ھي بندرگاھ پاڪستان جي معيشت لاءِ  نعمت جو ذريعوپڻ آھي. سي پيڪ منصوبو چين جي ون بليٽ ايند ون روڊ جو حصو آهي.ان ۾ شامل سڀئي منصوبا چيني رقم ۽ مدد سان مڪمل ڪيا پيا وڃن. هي منصوبا پهرين ۽ ٻي مرحلي تحت سرانجام ڏناپيا وڃن. جڏهن تہ هن منصوبي جو ٻيو مرحلو جيڪو گذريل ڊسمبر ۾ شروع ٿيو، ان ۾ 27 ننڊا ننڊا منصوبا شامل آهن. هنن منصوبن ۾ مينوفيڪچرنگ ۽ روزگار جي موقعن کي وڌائڻ شامل آهي. چين نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان جي زير ڪنٽرول ڪشمير ۾ به سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.پاڪستان  هن قسم جي سيڙپڪاري تي خوش ۽ فخر محسوس ڪري رھيو آھي ۽ اهڙي قسم جي سيڙپڪاري پاڪستان کي شديد معاشي تنگي مان نڪرڻ جو واحد ذريعو آھي. هن وقت پاڪستان جي معيشت کي ڪورونا وبا تمام گھڻو نقصان رسايو آهي. هزارن جي تعداد ۾ ننڍا ننڍا ڪاروبار يا ته مڪمل طرح بند ٿي ويا يا وري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ تقريبن 20 لک ماڻهو بيروزگاري جو شڪار ٿيا آهن. اهڙن حالات ۾ هي سيڙپڪاري ڪليدي ڪردار جي حامل آهي. پاڪستان گذريل ٻن ڏھاڪن کان دھشت گردي کان متاثر رھيو آھي ۽  ان عرصي دوران ٻاھرين سيڙپڪاري نه ھجڻ جي برابر رھي، جنهن پاڪستان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. چين طرفان انھن مشڪل حالات ۾ پاڪستان لاءِ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪنھن نعمت کان گھٽ ناھي.پاڪستان جي معيشت لاءِ شھرڳ جو درجو رکندڙ ۽ صوبي سنڌ جي گاديءَ واري ھنڌ ڪراچي لاءِ به هي سيڙپ فائديمند ثابت ٿي رھي آھي. چين ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچنج ۾ 40 فيصد تائين سيڙپڪاري ڪئي آھي، ان سان گڏوگڏ ڪراچي ايڪسچيج جو چيف مينيجنگ ڊائريڪٽر،چيف فناشل آفيسر ۽ ريگيليٽوري آفسير مقرر ڪرڻ جا اختيارات به حاصل ڪيا آهين. جون 2021 ۾ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچيج تي بلوچستان جي باغين حملو ڪيو، جيڪي چين پاران بلوچستان ۾ ڪيل سيڙپڪاريءَ کان ناراض آھن. چين اھڙن خطرن کان بي خوف ٿي ڪري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رھيو آھي. چين ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڏو پاور يوٽيلٽي خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪو ملڪ ۾ موجود سڀني پاور ڪمپنين کان وڏي تصور ڪئي پئي وڃي. چين سنڌ ۾ ھرھنڌ تي سيڙپڪاري ڪري رھيو آھي ۽ سنڌ جي 5 ضلعن ۾ صفائي جو ٺيڪو ھڪ چيني ڪمپني کي ڏنو ويو آھي. ڪجھ ماڻھن اھڙا فائديمند ٺيڪا چين جي ڪمپني کي ڏيڻ تي ناراضگي جو اظھار ڪيو آھي. سنڌ ۾ تيل جي ڳولا لاءِ بہ ڪجھ ٺيڪا چيني ڪمپني کي ڏنا ويا آھن. چين جو پاڪستان ۾ ايتري وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جو سبب هتي جي سستي مزدوري جو ھجڻ ۽ چين لاءِ خاص سھولتون ڏيڻ شامل آهن. jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو