پاڪستان جي جمهوريت معيشت سب ڪجهه فوج آهي، شيخ

لاهور (بيورو رپورٽ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فوج خلاف سازش ٿي رهي آهي ۽ سازش ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن، ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، ڪورونا وڌي سگهي ٿو ۽دهشتگردي ٿي سگهي ٿي، اهرو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن ملڪ کي عدم استحڪام ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جمهوريت سان گڏ بيٺل آهي، مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪابه سياست نه آهي، پيپلز پارٽي استعيفيٰ ڏني ته اڳئين ڀيري سنڌ به کين نه ملندي، مولانا فضل الرحمان مذهبي ڪارڊ کيڏي رهيو آهي، اُن جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، مولانا فضل الرحمان جي پُٽ سان منهنجي ڊگهي ڪچهري ٿي، سندس پُٽ کي سياڻو سمجهان ٿو، عالمي ايجنڊا تي هلندڙ اهو وساري ڇڏين ته فوج سُتل آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم کي غداري ڪيس جي خبر ئي نه هئي، پوليس جاچ ڪري رهي آهي، جيڪو غداري ۾ ملوث نه هوندو، اُن کي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته مولانا مفتي محمود به سليڪٽڊ ۽ ڌانڌلي جي ڳالهه ڪئي هئي پوءِ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪتا هئا ان تي مان نٿو ڳالهائڻ چاهيان. هن چيو ته پاڪستان جي جمهوريت، استحڪام ۽ معيشت سڀ ڪجهه فوج آهي، مان تجربي جي بيناد تي اپوزيشن کي چوان ٿو ته هو خيال ڪن ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي روئيندا رهن ته هي ڇا ٿي ويو. هن چيو ته اڳ ۾ مولانا سان هٿ ٿيو هاڻي هٿوڙ ٿيندس. هن چيو ته موهن جو دڙو ايڪسپريس سميت 16 ٽرينون نجي شعبي حوالي ڪريون پيا، ڪو به ڪرايو نه وڌائيندو. هن چيو ته 15 آڪٽوبر بعد سڀ ريل گاڏيون نارمل وقت تي هلنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو