پاڪستان جي اٽلي ڏانهن ايسڪپورٽ ۾ 49 سيڪڙو واڌ

روم (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اٽلي ۾ سفير جوهر سليم ميڊيا کي ٻڌايو ته 30 جون 2021 تي ختم ٿيل مالي سال ۾ پاڪستان کان اٽلي ڏانهن ساليانو ايڪسپورٽ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 49 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب هن ٻڌايو ته اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان 30 ڪروڙ ڊالر سرپلس ٽريڊ ڪيو آهي. ڪورونا سبب اٽلي مان پاڪستان امپورٽ گهٽ رهيا. گذريل مالي سال دوران پاڪستان جا اٽلي ڏانهن 78 ڪروڙ 60 لک ڊالر ماليت جا ايڪسپورٽ ڪيا. باسمتي چانورن بابت ڀارتي پروپيگنڊا باوجود اسين اٽلي جي ڪل چانورن جي امپورٽ جو 37 سيڪڙو پاڪستان سپلاءِ ڪيو ڀارت رڳو 12 سيڪڙو حصو حاصل ڪيو. يورپ ۾ ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ اٽلي هو جنهن جي، جي ڊي پي شرح ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ 9.6 جي گهٽ سطح تي پهتي.اٽلي مان پاڪستانين 60 ڪروڙ 10 لک ڊالر پاڪستان موڪليا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي 2020 ۾ موڪليل رقم کا 66 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو