پاڪستان جي افغانستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست

دبئي(ويب ڊيسڪ) افغانستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورز ۾ 6 وڪيٽن تي 147 رنز ٺاهيون. افغانستان جو اوپنر حضرت الله زازئي حارث سهيل جي پهرين اوور ۾ 5 بال کيڏي بنا رن ٺاهڻ جي عماد وسيم هٿان ڪيچ ٿيو. ڏهين اوور تائين 60 تي 5 آئوٽ هئا. جنهن بعد محمد نبي ۽ گلبدين نائب هر هڪ 35 رنز ٺاهيون، نجيب اللو زردان 15، ڪريم جنت 12 رنز اسڪور ڪيون. عماد وسيم 2، شاهين، حارث، حسن علي ۽ شاداب کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي. پاڪستان پنهنجي اننگ پريشر ۾ شروع ڪئي، محمد رضوان 8 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن بعد بابر اعظم ۽ فخرالزمان ذميواري سان اسڪور اڳتي وڌايو، فخرالزمان هڪ ڇڪو ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 30 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد حفيظ10 ۽ شعيب ملڪ 19 ۽ بابر اعظم 51 تي آئوٽ ٿيا.

افغانستان جي اسپنر ڇائنجي ويا ۽ افغانستان گي۾ موٽي آيو پر آصف علي ۽ شاداب وڪيٽ تي موجود هئا. آصف علي ڇڪو هڻي پريشر رليز ڪيو 10 بالن تي 18 رنز گهربل هيون. آصف هڪ بال مس ڪري وري ڇڪو هنيو ڪريم کي 9 بالن تي 12 رنز گهربل هيون. وري هڪ بال مس ڪري ڇڪو هنيو ۽ آخري 7 بالن تي 6 رنز گهربل هيون. 19 هين اوور جي آخري بال تي آصف وري ڇڪو هنيو ۽ هڪ اوور ۾ 4 ڇڪا هنيا، پاڪستان لڳاتار ٽئين فتح پنهنجي نالي ڪندي 5 وڪيٽن تان ميچ کٽي وري.آصف علي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو