پاڪستان کي 45 رنز تان شڪست،انگلينڊ پاران سيريز برابر

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي شهر ليڊز ۾ کيڏي ويندڙ ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، انگلينڊ جي ٽيم اين مورگن زخمي هئڻ سبب شامل ناهي جوز بٽلر ڪپتاني پيو ڪري. انگلينڊ 19.5 اوورز ۾ 200 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ 201 رنز جو ٽارگيٽ پاڪستن کي ڏنو. جوز بٽلر 59 رنز ٺاهيون. پاڪستان ٽارگيٽ حاصل نه ڪري سگهيو 20 اوورز ۾ 9وڪيتن تي 155 رنز ٺاهي سهيو ۽ انگلينڊ 45 رنز تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ پاڪستان کٽي ۽ ٻئي انگلينڊ کٽي سيريز برابر ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ٽن ميچز جي ون ڊي سيريز ۾ انگلينڊ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪيو هو.

Photo Twitter

عماد وسيم ابتدا ۾ بريڪ ٿرو ڪيو پر بعد ۾ انگلش رانديگرن ٽيمپو ٽٽڻ نهڏنو ۽ رن ريٽ 10 کان مٿي ئي برقرار رکيو. پاڪستان جي اننگ بابر اعظم ۽ محمد رضوان شروع ڪئي ۽ چهين اوور ۾ ثاقب محمود پاڪستان جي 50 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم کي 22 رنز تي ڪيچ ڪرايو. جنهن بعد صهيب مقصود آيو جنهن ستين اوور ۾ معين علي کي بيڪ ٽو بيڪ ڇڪو ۽ چوڪو هنيو. هو اٺين اوور ۾ عادل رشيد جي بال تي بيٽ ٿيو ۽ ڪيپر جوز بٽلر اسٽمپ ڪيو، هو 10 بالن تي 15 رنز ٺاهي موٽيو. 11 هين اوور ۾ عادل رشيد محمد رضوان کي پنهنجي بال تي جمپ هڻي سنگل هينڊ شاندار ڪيچ پڪڙيآئوٽ ڪيو هن 29 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 37 رنز ٺاهيون.جنهن بعد حفيظ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ فخر آيو ۽ هو خوشقسمت رهيو جو سلپ ۾ پهرين بال تي ڪيچ ڊراپ ٿيو. جنهن بعد حفيظ جو به ڪيچ ڊراپ ٿيو پر هو جلدي 12 بالن تي 10 رنز ٺاهي معين علي جي بال تي بيئر اسٽوو جنهن اڳ ۾ ڪيچ ڊراپ ڪيو هئي کيس هن دفعي غلطي نه ڪيائين . پاڪستان 12 اوورز ۾ 100 به نه ٺاهي سگهيو، ساڳئي اور ۾ معين فخر کي به بولڊ ڪيو95 تي پاڪستان جا پنج آئوٽ ٿي ويا. اعظم خان به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ پارڪنسن جي بال تي اسٽمپ آئوٽ ٿيو ۽ ميچ پاڪستان جي هٿن مان نڪري وئي. شاداب ۽ عماد وڪيٽ تي هئا 12 کان رن ريٽ وڌيڪ گهربل هو. عماد وسيم هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 13 بالن تي 20 رنز ٺاهي 18هين اوور جي پهرين بال تي ٽوم ڪرن جي بال تي جيسن راءِ هٿان ڪيچ ٿيو. شاهين آفريد ي جو ثاقب جي بال تي ڪرس جورڊن ڪيچ پڪڙيو. ساڳئي 19هين اوور ۾ ثاقب حارث رئوف کي به بولڊ ڪري ٽيون شڪار بنايو.

Photo Twitter

هن جيسن راءِ سان اننگ شروع ڪئي ۽ پهريون اوور عماد وسيم ڪرايو. هڪ بال مس ڪرڻ ٻعد ٻئي بال تي کيس جيسن راءِ ڇڪو هڻي کاتو کوليو ۽ اوور جي ٽئين بال تي چوڪ هنيو. عماد وسيم جيسن راءِ کي حفيظ هٿان ڪيچ ڪرائي انگلينڊ کي پهريون جهٽڪو ڏنو. جيسن راءِ 4 بالن تي 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٻئي اوور ۾ عماد وسيم اعظم طان هٿان ڊيوڊ ملن کي هڪ رن تي ڪيچ ڪرائي ڪاميابي حاصل ڪئي. عماد جون ٽي ٽوئنٽي ۾ وڪيٽن جي نصف سينچري به مڪمل ٿي. معين علي 16 بالن تي 36 رنز ٺاهي حسنين جي بال تي بابراعظم هٿان ڪيچ ٿيو. 85 تي انگلينڊ جي ٽئين وڪيٽ ڪري. جوز بٽلر 39 بالن تي 59 رنز ٺاهي حسنين جي بال تي بابر اعظم هٿان ڪيچ ٿيو. بٽلر جي اها 14 هين ٽي ٽوئنٽي جي هاف سينچري هئي. شاداب جي آطري اوور ۾ جو بيئر اسٽو 7 بالن تي 13 رنز ٺاهي فخر هٿان ڪيچ ٿيو. انگلينڊ 14.5 اوورز ۾ 153 تي5 آئوٽ هئا. حارث رئوف ليم لونگ اسٽون لڳاتار ڇڪو ۽ چوڪو هنيو جنهن بعد اعظم خان جي ٿرو تي 23 بالن تي 38 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.

ٽوم ڪرن حسنين جي بال تيصهيب مقصود هٿان 9 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ انگلينڊ180 تي 7 آئوٽ هئا. جنهن بعد ڪرس جارڊن حارث رئوف جي بال تي شاداب هٿان ڪيچ ٿيو۽ اڳئين بال تي بيڪ ٽو بيڪ عادل رشيد کي بولڊ .ڪري 2 وڪيٽون ورتيون ۽ هيٽ ترڪ چانس تي هو پر قسمت ساٿ نه ڏنس آخري اوور شاهين آفريدي ڪيو ۽ نيٺ وڪيٽ ورتي ۽ انگلينڊ ۽ پارڪنسن کي بولڊ ڪيو ۽ انگلينڊ جي پوري ٽيم 200 رنز ٺاهي 19.5 اوورز ۾ آئوٽ ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو